Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

فرمايائون: بيشڪ اهو هڪ عظيم ڏينهن آهي، ڇوته قيامت واري ڏينهن هرهڪ هن ڳالھ جو ضرورتمند هوندو ته انهن جي گناهن جو بوجھ هلڪو ٿئي۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: الله ڪريم مطالبو ڪرڻ واري کي ارشاد فرمائيندو: پنهنجي نگاھ کڻ، جنت ڏانهن نهار۔ ۽ ڏس تنهنجي سامهون ڇا آهي. ٻانهو چوندو: اي منهنجا پروردگار! مان سون کان بڻيل وڏا شهر ۽ عمده محلات ڏسي رهيو آهيان جيڪي موتين سان جڙيل آهن. اهي ڪنهن نبي يا صديق  يا شهيد جي لاءِ آهن؟ الله ڪريم ارشاد فرمائيندو: اهي ان جي لاءِ آهن جيڪو هن جي قيمت ادا ڪري۔ ٻانهو عرض ڪندو: اي منهنجا پروردگار! ان جي قيمت ڪير ادا ڪندو؟ الله ڪريم ارشاد فرمائيندو: تون ادا ڪري سگهين ٿو۔ ٻانهو عرض ڪندو: اي منهنجا پروردگار! ڪهڙي طرح؟ الله ڪريم ارشاد فرمائيندو: هن طرح جو تون پنهنجي ڀاءُ جا حقوق معاف ڪري ڇڏ۔ ٻانهو عرض ڪندو: اي منهنجا پروردگار! مون سڀ حقوق معاف ڪيا۔ الله ڪريم ارشاد فرمائيندو: ”پنهنجي ڀاءُ جو هٿ پڪڙ ۽ ٻئي جنت ۾ داخل ٿي وڃو۔“ اهو فرمائڻ کان پوءِ آقاءِ نامدار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: الله ڪريم کان ڊڄو ۽ مخلوق ۾ صلح ڪرايو ڇوته ربّ ڪريم قيامت جي ڏينهن مسلمانن جي وچ ۾ صلح ڪرائيندو۔ (مستدرک،کتاب الاهوال، باب اذالم يبق من الحسنات …الخ،۷۹۵/۵، حديث:۸۷۵۸)

بِلا حساب ہو جنّت میں داخلہ یاربّ                     پڑوس خُلْد میں سَرْوَر کا ہوعطا یاربّ

(وسائلِ بخشش مُرمَّم، ص۸۲)

 اي عاشقانِ رسول! بيان ڪيل حديثِ پاڪ جي ضمن ۾ ڪيئي نڪتا موجود آهن۔ اچو! انهن مان ڪجھ نڪتا ٻڌون ٿا:

(1) پهرين ڳالھ اها معلوم ٿي ته قيامت اڃان قائم ناهي ٿي، ميدانِ محشر جا معاملا، ٻانهن جي حساب و ڪتاب ۽ جزا و سزا جي فيصلي جو وقت اڃان اچڻ باقي آهي، پر قربان وڃجي! نگاھ مُصطَفٰي ۽ عِلمِ مُصْطَفٰي جي شان و