Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

عظمت تي! ربِّ ڪريم جي عطا سان غيب جون خبرون ڏيڻ واري مڪي مَدَني مصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت کان پهريان ئي قيامت ۾ ٿيڻ وارن واقعن کي نه صرف ملاحظه ڪيو، بلڪ صحابَه ڪرام جي اڳيان ان جو اظهار به ڪيائون۔

تم کو علمِ غیب مولا نے عطا فرما دیا

کر دیا ہر جا پہ حاضر اور ناظر یانبی!

(وسائلِ بخشش مُرمَّم، ص۳۷۸)

(2) ٻي ڳالھ اها آهي ته ٻانهن جي حقن جو معاملو نهايت نازڪ آهي ڇوته ميدانِ مَحشَر ۾ هڪ ٻانهو پنهنجو حق جو مطالبو ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ٻانهي جي خلاف بارگاھ الٰهي ۾ دعويٰ ڪندو۔ افسوس! دين کان دوري ۽ بي عملي جي سبب هاڻ ماڻهن ٻانهن جي حقن جي معاملي کي نهايت هلڪو سمجھي ورتو آهي، مثال طور ڪٿي سيٺ نوڪرن (Workers) جا حق ادا ناهي ڪري رهيو ته ڪٿي نوڪر سيٺ جي شين کي نقصان پهچائي ان جا حق ضائع ڪري رهيا آهن، ڪٿي والدين ٻارن کي انهن جا حق ڏيڻ تي راضي نه آهن ته ڪٿي اولاد ماءُ پيءُ جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويٺو آهي، ڪٿي زال پنهنجي مڙس جي حقن ۾ ڪوتاهي ڪري رهي آهي ته ڪٿي مڙس زال جا حق ادا ڪرڻ کان جان ڇڏائي رهيو آهي، ڪٿي رشتيدارن ۾ حقن جي ادائيگي جي معاملي ۾ سالن کان جنگ جاري آهي ته ڪٿي پاڙيسرين جي حقن ۾ ڪوتاهي ٿي رهي آهي۔ ياد رکو! هتي جيڪڏهن ڪنهن، ڪنهن جو حق ڦٻايو آهي ته عقلمندي انهيء ۾ آهي ته هو هتي ئي ادا ڪري ڇڏي يا معاف ڪرائي وٺي نه ته آخرت ۾ شديد رسوائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، جيئن

رسولِ هاشمي، مڪي مَدَني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن توهان ضرور حق دارن کي انهن جا حق حوالي ڪندؤ ايستائين جو بي سِڱ