Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

ٻڪري جو سڱ واري ٻڪري کان بدلو ورتو ويندو۔ (مسلم،کتاب البر والصلۃ والآداب،باب تحریم الظلم، ص۱۰۷۰،حدیث:۶۵۸۰) مطلب اهو ته جيڪڏهن توهان دنيا ۾ ماڻهن جا حق ادا نه ڪيا ته هر صورت ۾ قِيامت ۾ ادا ڪندؤ، هتي دنيا ۾ مال ذريعي ۽ آخِرت ۾ عملن ذريعي، تنهنڪري ڀلائي هن ۾ آهي ته دنيا ئي ۾ ادا ڪري وٺو نه ته قيامت واري ڏينهن پڇتائڻو پوندو۔ حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جانور(Animals) توڙي جو شرعي احڪامن جا مُڪلَّف (يعني پابند) نه آهن پر حُقوقُ العِباد جانورن کي به ادا ڪرڻا پوندا۔ (مرآۃ المناجیح، ۶/۶۷۴) اي عاشقانِ رسول!  جانورن جا هڪٻئي جا معاملا ڪهڙي طرح هوندا؟ اچو! ٻڌون ٿا ته مفتي صاحب ڇا ٿا فرمائن: جيڪڏهن دنيا ۾ سڱ واري ٻڪري بي سِڱ ٻڪري کي سڱ هنيو هوندو ته قيامت واري ڏينهن سڱ واري ٻڪري جا سڱ بي سڱ  ٻڪري کي ڏنا ويندا ۽ اها ان کي بدلي ۾ سڱ هڻندي. (مرآۃ المناجیح، ۶/۶۷۴)

روزِ محشر شہا! مجھ گنہگار کا

آپ رکھنا بَھرم، تاجدارِحرم

(وسائلِ بخشش مُرمَّم، ص۲۵۰)

 

(3) ٽئين ڳالھ اها  معلوم ٿئي ته پاڻ ۾ صلح صفائي سان رهڻ الله ڪريم کي نهايت پسند آهي،ربِّ ڪريم قيامت جي ڏينهن به پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ صلح ڪرائي انهن کي جنت ۾ داخلا عطا فرمائيندو، ٭ جيڪڏهن اسان الله ڪريم کي راضي ڪرڻ چاهيون ٿا، ٭ جيڪڏهن اسان رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضي ڪرڻ چاهيون ٿا، ٭ جيڪڏهن اسان معاشري کي پُرامن (Peaceful) ڏسڻ چاهيون ٿا، ٭ جيڪڏهن اسان محبتن کي عام ڪرڻ چاهيون ٿا، ٭ جيڪڏهن اسان جنت ۾ داخل ٿيڻ چاهيون ٿا، ٭ جيڪڏهن اسان جنتي نعمتن مان لُطف کڻڻ چاهيون ٿا، ٭ جيڪڏهن اسان قيامت جي ڏينهن جي ذِلّت و رُسوائي کان بچڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گھرجي ته اسان پاڻ ۾ صلح ڪرڻ جي عادت بڻايون ۽ جنت جو حق دار بنائڻ واري هن