Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

عمل کي خوب خوب عام به ڪريون۔ همت ڪيو پنهنجي نفساني لڙائي کي ڇڏي ڪري  مسلمان ڀائرن سان يڪدم صلح ڪري وٺو. ڀلي اوهان وڏا هجو، جيتوڻيڪ قصور اوهان جو نه  هجي.

اَلْحَمْدُلِلّٰه صُلح ڪرائڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مَدَني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنَّت آهي ۽ الله ڪريم قُرآنِ ڪريم ۾ به صُلح ڪرائڻ جو حڪم اِرشاد فرمايو آهي، سيپاري 26 سُوْرةُ الحُجُرات جي آيت نمبر 10 ۾ ارشادِ باري آهي:

  اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوْا بَیْنَ اَخَوَیْكُمْ وَ اتَّقُوا اللّٰهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَ۠(۱۰) (پ۲۶، الحجرات : ۱۰ )

ترجَموڪنزُ الايمان: مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن پوءِ پنهنجي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ٺاھ ڪريو ۽ الله کان ڊڄو من توهان تي رحمت ٿئي۔

اهڙي طرح اَحاديثِ مُبارڪه ۾ به صُلح ڪرائڻ جون ڪيئي فَضيلتون بيان ٿيون آهن۔ جيئن

ارشاد فرمايائون: ڇا مان توهان کي روزو، نماز ۽ صدقي کان اَفضل عمل نه ٻڌايان؟ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ضَرور ٻڌايو۔ اِرشاد فرمايائون: اهو عمل پاڻ ۾ رُٺلن ۾ صُلح ڪرائڻ آهي ڇوته رُٺلن ۾ پيدا ٿيندڙ فَساد خير کي ختم ڪندو آهي۔ (ابو داؤد، کتاب الادب،باب فی اصلاح ذات البین، ۴ / ۳۶۵ ، حدیث : ۴۹۱۹)

ياد رهي! مسلمانن ۾ اها ئي صُلح ڪرائڻ جائز آهي جيڪا شريعت جي دائري ۾ هجي جڏهن ته اهڙي صلح جيڪا حرام کي حلال ۽ حلال کي حرام ڪري اها جائز نه آهي، جيئن ته حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، حضورِ اَقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: مُسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ جائز آهي پر اها صُلح (جائز ناهي) جيڪا حَرام کي حَلال يا حَلال کي حرام ڪري۔ (ابوداؤد،کتاب الاقضیۃ، باب فی الصلح، ۳/۴۲۵، حدیث:۳۵۹۴)

اچو! اهڙي طرح جي صلح جون ڪجھ مثالون ٻڌون ٿا: زال مڙس ۾ اهڙي طرح