Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

صلح ڪرائي وڃي جو مڙس ان عورت جي ساهڙي ڏانهن نه وڃي. اهڙي قسم جي صلح ڪرائڻ درست ناهي. مقروض مسلمان وياج پنهنجي قرض خواھ کي ڏيندو(اهِڙي صلح ڪرائڻ درست ناهي) (مرآۃ المناجیح ،۴/۳۰۳ ملخصاً)

 اهڙي طرح عورت کي 3 طلاقون ٿي وڃڻ جي باوجود مڙس ۽ زال کي اهو چوڻ ته ڪا ڳالھ ناهي، توهان کان جيڪا غلطي ٿئي ان کي الله معاف ڪري ڇڏيندو، انڪري هاڻي توهان پاڻ ۾صلح ڪري وٺو، جڏهن ته ٽن طلاقن کان پوءِ اها عورت پنهنجي مڙس تي حرام ٿئي چڪي آهي ۽ صرف صلح ڪرڻ سان اها حرام حلال نه ٿيندي ، ته ان جي اها صلح ڪرائڻ حرام کي حلال ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي ۽ اهو هرگز جائز ناهي. جيڪڏهن مقروض طئي ٿيل مدت ۾ قرض ادا نه ڪري سگهي ته هاڻي ان ڳالھ تي صلح ڪرائڻ ته مقروض اضافي مدت تي جرمانو ادا ڪري. اهڙي صلح ڪرائڻ درست ناهي. ڪنهن جي هن ڳالھ تي صلح ڪرڻ ته اهو پنهنجي سڳي ڀاءُ يا ڀيڻ کان تعلقات ختم ڪري وٺندو. اهڙي صلح ڪرائڻ درست ناهي. پنهنجي دوست کي مجبور ڪرڻ ته مونکان صلح ڪرڻي اٿئي ته فلاڻو ڊرامو يا گانو ٻڌڻو يا ڏسڻو پوندو. اهڙي صلح ڪرائڻ درست ناهي.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هنن مثالن مان معلوم ٿيو ته صلح ذاتي حقوق ۾ ٿيندي آهي، شريعت جي نافرماني ۾ صلح جائز ناهي. الله ۽ رسول جي نافرماني ۾ نه ڪنهن مخلوق جي اطاعت جائز آهي ۽ نه وري مداهنت(سستي) جي اجازت آهي. مسلم شريف جي حديث ۾ آهي: لَا طَاعَۃَ فِیْ مَعصِیَۃِ اللہِ اِنَّمَا الطَّاعَۃُ فِی الْمَعرُوْف يعني الله جي نافرماني ۾ ڪنهن جي اطاعت جائز ناهي، اطاعت ته صرف نيڪي جي ڪمن ۾ آهي.  (مسلم، کتاب الامارہ  ، باب وجوب طاعۃ الامراء فی  غیر۔۔۔الخ، ص۷۸۹ حدیث:۴۷۶۵)

صلح ۾ انهن ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري آهي ته نافرمانين جي ڪمن تي سمجهوتو نه هئڻ گهرجي مثلاً گهر ۾ شادي جي فنڪشن ۾ ٻارن جو گهڻو زور آهي ته ناچ گانا، ميوزڪ پروگرامز هئڻ گهرجن، هاڻي ماءُ پيءُ، ٻارن جي