Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

ناراضگي کان بچڻ لاءِ هن ڳالھ تي سمجهوتو ڪرڻ  ته اسلام ۾ صلح جي وڏي اهميت آهي، انڪري اسان ٻارن جي ڳالھ مڃي، اهڙي صلح ناجائز ۽ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                        صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمّد

صلح جا فائدا

الله پاڪ اسان کي شريعت جي تقاضن جي مطابق صلح ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ياد رکو! صلح ڪرڻ هڪ سٺو ڪم آهي. صلح سان الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي رضا ملندي آهي. صلح سان قبر جا مرحلا آسان ٿي ويندا آهن. صلح سان آخرت جون منزلون آسان ٿئي وينديون آهن. صلح سان ٻانهو جنت جي ويجهو ٿي ويندو آهي. صلح سان ٻانهو جهنم کان دور ٿئي ويندو آهي. صلح سان ماڻهن جي نظرن ۾ عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو آهي. صلح سان ٻانهي جي نيڪ نامي ٿيندي آهي. صلح سان محبتون وڌنديون آهن. صلح سان نفرتن جو خاتمو ٿيندو آهي. صلح سان شيطان ذليل و رسوا ٿيندو آهي. صلح سان رٺل خاندانن جون ناراضيون دور ٿينديون آهن. صلح سان رشتيدارن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ جو جذبو ملندو آهي. صلح سان سڪون ۽ قرار نصيب ٿيندو آهي. صلح سان بي چيني ۽ بي سڪوني جو خاتمو ٿيندو آهي. صلح سان ٽينشن ۽ ڊپريشن جو خاتمو ٿيندو آهي. مطلب ته صلح جا بيشمار فائدا آهن.

افسوس ته ايترا فائدا هئڻ جي باوجود به ڪجھ ماڻهو صلح کان لنوائيندا آهن. يقيناً ان جو بنيادي سبب علمِ دين کان دوري آهي. اهڙي موقعي تي شيطان به پنهنجو ڄار وڇائي ماڻهن کي صلح ڪرڻ کان دور ڪندو ۽ دشمنين جا سلسلا برقرار رکڻ جي پوري ڪوشش ڪندو آهي. اسان کي همت ڪرڻ گهرجي ۽ صلح ڪري دين و دنيا جا فائدا ماڻڻ جي ڪوشس ڪرڻ گهرجي. صلح جي معاملي ۾ اسان جا بزرگانِ دين جو ڇا انداز هو؟ اچو! هن جي هڪ ايمان افروز جهلڪ ٻڌون ٿا: