Iman ke Salamti

Book Name:Iman ke Salamti

بارگاھ ۾ روئي روئي اکيون سُڄايون، ٭ پنهنجي خطائن تي ڳوڙها ڳاڙي گناهن جي معافي ۽ سچي توبه جي خيرات طلب ڪريون۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو هاڻي ڪي اهڙا ڪم ٻڌون ٿا جن سان ايمان جي حفاظت ٿئي سگهي.

هڪ اهو ته ايمان جي تحفظ لاءِ خوب دعائون ڪيون وڃن. ٻيو اهو ته گناهن کان بچيو وڃي ڇوته گناھ ڪفر جا قاصد هوندا آهن. ٽيون اهو ته خوب نيڪيون ڪيون وڃن جو نيڪ ڪمن سان ايمان کي تقويت ملندي آهي.

ڇوٿون اهو ته ايمان جي حفاظت جي اوراد و وظائف کي به پنهنجي معمولات ۾ شامل ڪيو وڃي.  الحمدلله شجره قادريہ رضويه عطاريه ۾ ايمان جي سلامتي جا مختلف اوراد موجود آهن، هنن کي پڙهڻ ۾ پابندي ڪئي وڃي ته الله پاڪ جي رحمت سان دنيا ۽ آخرت ۾ ان جون برڪتون حاصل ٿينديون. ان شاءالله

هڪ ڪم اِهو  به ڪيو ته ڪنهن جامع شرائط پير سان بيعت ٿي وڃو. هن سان به ايمان جي حفاظت ٿيندي آهي. سرڪارِ  غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه  جي دامن سان وابستہ ٿيڻ وارن مريدن جي ته ڇا ڳالھ ڪجي. شيخ ابو سَعُود عبدالله رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه بيان ڪن ٿا. شيخ عبدالقادر جيلانيرَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه  پنهنجي مريدن لاءِ قيامت تائين هن ڳالھ جا ضامن آهن ته انهن مان ڪوبه بنا توبهه ڪرڻ جي نه مرندو. (بہجۃالاسرار،ذکرفضل اصحابہ وبشراھم، ص۱۹۱)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله هن پرفتن دور ۾ امير اهلسنت باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمدالياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذات اسان لاءِ تمام وڏي نعمت آهي، جيڪو سندن جو مريد ٿيندو آهي، پاڻ ان کي غوثِ پاڪ جي دامن سان وابسته ڪري ڇڏيندا آهن.

جي ها! اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سلسله قادريہ رضويہ ۾ ئي مريد ڪندا آهن. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته جڏهن به موقعو ملي ته يڪدم شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذريعي غوثِ پاڪ جي مريدن ۾ شامل ٿئي وڃون.

قادِری کر قادِری رکھ قادِریوں میں اُٹھا

قدرِ عبدُالْقَادِرِ قُدرت نُما کے واسطے