Andheri Qabar

Book Name:Andheri Qabar

جي ڪري مون کي وساري ڇڏيو؟ ڇا توکي ايتري به خبر نه هئي ته مان فتنن جو گھر آهيان، اونداهي جو گھر آهيان، پوءِ تو ڪهڙي ڳالھ جي ڪري مون تي آڪڙجي هلندو هئين؟ ها جيڪڏهن اهو مُردو نيڪ هو ته هڪ غيبي آواز قَبر مان چوندي آهي: اي قَبر! جيڪڏهن هي انهن مان هجي جيڪي نيڪي جو حُڪم ڏيندا رهيا ۽ برائي کان منع ڪندا رهيا ته پوءِ تون ڪهڙو سُلوڪ ڪندينءَ؟ قَبر چوندي آهي: جيڪڏهن اها ڳالھ هجي ته مان ان جي لاءِ گلزار بڻجي ويندي آهيان۔ پوءِ ان شخص جو بدن نور ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ان جو روح ربُّ العٰلمين جي بارگاھ ڏانهن پرواز ڪري ويندو آهي۔ (مُسْنَدُ اَبِي يعْلٰي ج۶ص۶۷ حديث ۶۸۳۵)

          هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته نبي اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن مڙدي سان گڏ اچڻ وارا واپس ٿيندا آهن ته مڙدو ويهي انهن جي قدمن جو آواز ٻڌندو آهي ۽ قبر کان پهريان ڪو ان سان ناهي ڳالهائيندو، قبر چوندي آهي؛ اي انسان! ڇا تو منهنجا حالات نه ٻڌا هئا؟ ڇا منهنجي تنگي، بدبو، هولناڪي ۽ ڪيڙن کان توکي نه ڊيڄاريو ويو هو؟ جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ تو ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ (شَرْحُ الصُّدُوْرص ۱۱۴)

          حضرتِ علّامه جلالُ الدّين سُيوطِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا :حضرتِ سيدُنا عُبيد بن عُميررَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته، قبر مردي کي چوندي آهي ته جيڪڏهن تون پنهنجي زندگي ۾ الله پاڪ جو فرمانبردار هئين ته اڄ مان توتي رحمت ڪنديس ۽ جيڪڏهن تون پنهنجي زندگيءَ ۾ الله پاڪ جو نافرمان هئين ته مان تنهنجي لاءِ عذاب آهيان، مان اهو گھر آهيان جو جيڪو مون ۾ نيڪ ۽ فرمانبردار ٿي داخل ٿيو اهو مون مان خوش ٿي نڪرندو ۽ جيڪو نافرمان ۽ گنهگار هيو، اهو مون مان تباھ حال ٿي نڪرندو۔ (شَرْحُ الصُّدُور ص ۱۱۴، اهوال القبور لابن رجب ص۲۷)

          اي عاشقانِ رسول! سوچيو ته سهي ان وقت جڏهن ته اسان قَبر ۾ اڪيلا هونداسين، گهٻراهٽ هوندي، نه ڪيڏانهن وڃي سگھنداسين، نه ڪنهن کي سڏي سگھنداسين ۽ ڀڄي نڪرڻ جي به ڪا صورت نه هوندي۔ اُن وقت قَبر جو