Andheri Qabar

Book Name:Andheri Qabar

جڏهن قبر بند ڪرڻ جي لاءِ مٽي وڌي پئي ويندي هي دردناڪ منظر به نظر اچي رهيو هوندو، پر ڳالهائي ڪجهه به نه سگهنداسين، دفن ڪرڻ کان بعد اسان جا ناز کڻڻ وارا وڃي رهيا هوندا، قبر ۾ انهن جي قدمن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هوندا۔ دل ٻوساٽجي رهي هوندي، قبر جي وحشت ۽ گرمي ڏسڻي پوندي، اونداھي ۽ تاريڪي سان به دل گھٻرائي رهي هوندي،! اوچتو پنهنجي وڏن وڏن ڏندن سان قبر جي ڀتين کي چيريندي خوفناڪ شڪلين وارا دهشتناڪ، ڪارا وار لٽڪائيندي ٻه ملائڪ ”منڪر نڪير“ قبر ۾ اچي ظاهر ٿيندا، انهن جي اکين مان باھ جا شعلا نڪري رهيا هوندا ۽ اهي سختيءَ سان ويهاريندا ۽ نهايت ئي سخت لهجي ۾ سوال ڪندا۔ اسان کي خبر ناهي ته اسان انهن جي جوابن ۾ ڪامياب ٿينداسين يا نه۔

قبر میں آہ! گُھپ اندھیرا ہے                                                                                           روشنی ہو پئے رضا یارب!

سانپ لپٹیں نہ میرے لاشے سے                                                                قبر میں کچھ نہ دے سزا یارب!

نُورِ احمد سے قَبر رَوشن ہو                                                                                                                    وحشتِ قَبْر سے بچا یارب!

میرا نازُک بدن جہنّم سے                                                                                                                 از طفیلِ رضا بچا یارب

(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۸۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي لاءِ اها ڳالھ قابلِ غور آهي ته جيڪڏهن رات جي وقت ڪو عجيب آواز ٻڌڻ جو موقعو ملي ته اسان کي بي چيني ٿيڻ لڳندي آهي، ڪجھ دير جي لاءِ لائٽ هلي وڃي ۽ يڪدم اونداھي ٿي وڃي ته بي سڪون ٿي ويندا آهيون، اونداھي ۾ ٻلّي جي آواز ۽ ڪتّن جي ڀونڪڻ جو آواز اسان کي پريشان ڪري ڇڏيندو آهي، لال بيگ ۽ وڇون ڏسي جسم ۾ ڏڪڻي وٺي ويندي  آهي، ڄڻ ته ساھ کڻڻ ئي مشڪل ٿي ويندو آهي، غور ڪريو ته