Andheri Qabar

Book Name:Andheri Qabar

جيڪڏهن اسان جي بدعملي جي ڪري اهي ئي شيون قبر ۾ اچي اسان کي ڊيڄارڻ لڳن ته اسان ڪنهن سان فرياد ڪنداسين؟ ان وقت اسان جو ڇا ٿيندو جو جڏهن انهن مان ڪا شيء اسان جي قبر ۾ ظاهر ٿي وڃي۔

          حضرتِ سيدنا علّامه جلالُ الدّين سُيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا: جڏهن انسان قَبر ۾ داخِل ٿيندو آهي ته اهي تمام شيون ان کي ڊيڄارڻ جي لاءِ اچي وينديون آهن جن سان هو دنيا ۾ ته ڊڄندو هو ۽ الله پاڪ کان نه ڊڄندو هو. (شَرْحُ الصُّدُور ص۱۱۲)

         پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته پنهنجي اندر خوفِ خدا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون۔ هن جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!هن مدني ماحول جي برڪت سان بيشُمار ماڻهو گناهن ڀري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا۔ پندرهين صدي جي عظيم علمي و روحاني شخصيت شيخِ طريقت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطارقادِري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جن اسان کي هن پُرفتن دور ۾ آساني سان نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي طريقهءِ ڪار تي مشتمل شريعت ۽ طريقت جو جامع مجموعو بنام”مدني انعامات“ عطا فرمايا آهن. پاڻ مسلمانن جي دُنيا ۽ آخرت بهتر بنائڻ جي لاءِ سوال نامي جي صورت ۾ اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، ديني طالبن جي لاءِ 92، طالبات جي لاءِ 83، ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ 40 ۽ اسپيشل (يعني گونگن ۽ ٻوڙن) اسلامي ڀائرن جي لاءِ 27 مدني انعامات عطا فرمايا آهن۔ اوهان به مدني انعامات جو رسالو مڪتبة المدينه تان هديةً حاصل ڪريو ۽ روزانو محاسبي جي ذريعي مدني انعامات جي رسالي جي خاني کي ڀري هر اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي دعوت ِاسلامي جي ذمّه دار کي جمع ڪرائڻ جو معمول بڻايو۔