Andheri Qabar

Book Name:Andheri Qabar

ڪرڻ وارو هيو، رمضان جو عاشق ۽ قدر دان هيو، فرض هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي زڪوٰة پوري ادا ڪرڻ وارو هيو، رزقِ حلال ڪمائڻ وارو هيو، ڪفايت موجب حلال روزي ملڻ تي قناعت ڪرڻ وارو هيو، تلاوتِ قرآن ڪرڻ وارو هيو، تَهَجُّد، اِشراق، چاشت ۽ اَوَّابين جا نفلَ ادا ڪرڻ وارو هيو، عاجزي ڪرڻ وارو هيو، حُسنِ اخلاق جو پيڪر هيو، شريعت جي مطابق هڪ مٺ ڏاڙهي رکڻ وارو هيو، مٿي تي عمامي جو تاج سجائڻ وارو هيو، سنتن تي عمل ڪرڻ وارو هيو، ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ وارو هيو، ٻانهن جا حق ادا ڪرڻ وارو هيو، الله  ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو چاهڻ وارو هيو، صحابهء ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان، اهلبيتِ عظام ۽ اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ اللّٰهُ السَّلَام جو عاشق هيو، ته ان جي قبر جيڪا مٿان کان مٽيءَ جو ڍير نظر اچي پئي، ٿي سگھي ٿو ته الله پاڪ ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فضل ۽ ڪرم سان ان جو اندروني حصو حدِ نگاھ تائين وسيع ٿي چڪو هجي، قبر ۾ جنت جي دري کلي وئي هجي ۽ ان مٽي جي ظاهري ڍير هيٺان جنت جو خوبصورت باغ موجود هجي۔ ٻئي طرف ان مٽي جي ڍير هيٺان دفن ٿيڻ وارو جيڪڏهن بي نمازي هيو، رمضان المبارڪ جا روزا ڄاڻي واڻي برباد ڪرڻ وارو هيو، رمضان المبارڪ جي راتين جو گھٽين ۾ ڪرڪيٽ وغيرہ راندين جي ذريعي مسلمانن جي عبادتن يا ننڊ ۾ خلل پيدا ڪرڻ وارو يا تڪليف پهچائڻ ۽ دِل آزاري جو سبب بڻجڻ وارو هو، فرض هجڻ جي باوجود زڪوٰة جي ادائيگي ۾ بخل ڪرڻ وارو هيو، حرام روزي ڪمائڻ وارو هيو، وياج ۽ رشوت جو واپار ڪرڻ وارو هيو، ماڻهن جو قرض کائڻ وارو هيو، شراب پيئڻ وارو هيو، جوا کيڏڻ وارو هيو، شراب ۽ جوا جا اڏا هلائڻ وارو هيو، بنا اجازتِ شرعي مسلمانن جي دل ڏکائڻ وارو هيو، مسلمانن کي ڊيڄاري ڌمڪيون ڏئي ڀتو وصول ڪرڻ وارو هيو، پيسن جي ڪري مسلمانن کي اغوا ڪرڻ وارو هيو، چوري ڪرڻ وارو هيو، ڦر ڪرڻ وارو هيو، امانت ۾ خيانت ڪرڻ وارو هيو، زمينن تي ناجائز قبضا ڪرڻ وارو هيو، بي وس هارين جو حق کائڻ وارو هيو، ڪرسي جي لالچ ۾ مست ٿي