Andheri Qabar

Book Name:Andheri Qabar

ڪري غريبن تي ظلم و ستم جا پهاڙ ڪيرائڻ وارو هيو، ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گھٽائڻ وارو هيو، فلمون ڊراما ڏسڻ وارو هيو، گانا باجا ٻڌڻ وارو هيو، گاريون ڏيڻ وارو هيو، ڪوڙ، غيبت، چغلي، الزام تراشي، بدگماني ۽ تڪبُّر جو عادي هيو، ماءُ پيءُ جو نافرمان هيو، ٿي سگهي ٿو ته ان مٽيءَ جي پر سڪون نظر اچڻ واري ڍير هيٺان بيقراري وارو ماحول هجي، جهنم جي دري کلي وئي هجي، باھ ڀڙڪي رهي هجي، نانگ ۽ وڇون دفن ٿيڻ واري جي جسم تي چنبڙيل هجن ۽ دانهن ۽ ڪوڪن جو وڏو آواز هجي جنهن کي اسان نٿا ٻڌي سگهون۔

منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛

ارے یہ بھیڑیوں کا بَن ہے شام آ گئی سر پر                          کہاں سویا ہے مسافر ہائے کتنا لَااُبالی ہے

اندھیرا گھر، اکیلی جان، دَم گھٹتا، دِل اُکتاتا                                 خُدا کو یاد کر پیارے وہ ساعت آنے والی ہے

زمیں تپتی، کٹیلی راہ، بھاری بوجھ، گھائل پاؤں                                  مصیبت جھیلنے والے تِرا اللہ والی ہے

نہ چَونکا دن ہے ڈھلنے پر تِری منزل ہوئی کھوٹی                                      ارے او جانے والے نیند یہ  کب کی نکالی ہے

شعرن جي وضاحت: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اي دنيا جا مسافر اها دنيا ته بگھڙن جو جهنگل آهي ۽ رات ڄڻ مٿي تي آهي جڏهن ته تون اڃا تائين بي خبر سُتل آهين، هن غفلت جو ڪيڏو برو انجام ٿيندو۔ دنيا جي گھر جو ته توکي گھڻو فڪر آهي ڪڏهن قبر جي باري ۾ به سوچيو اٿئي۔ جتي سخت اونداھي هوندي، ساھ کڻڻ دشوار هوندو، دل ڏڪي رهي هوندي، ان ڪري خدا کي ياد ڪندو ڪر ڇوته عنقريب اهو وقت اچڻ وارو ئي آهي۔ اي غافل انسان! جڏهن زمين ٽامي وانگر ٿيندي، راھ ڪنڊن سان ڀريل هوندي، گناهن جو ڳرو بار مٿي تي هوندو، پير زخمن سان چور چور هوندا۔ ان وقت صرف الله پاڪ ئي تنهنجو حامي و مددگار ٿيندو۔ اي دنيا جا مسافر! تو اڃان تائين سفر جي تياري ناهي ڪئي، جڏهن ته منزل پري، سفر وڏو آهي۔ تون هلندي تڏهن ئي منزل تي پهچندي، ڪجھ ڏينهن دنيا ۾ رهڻ وارا تو ايتري مٺي ننڊ ڪٿان کان آندي آهي جو بيدار ٿيڻ جو نالو به نٿو وٺين۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد