Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

اهڙي نموني حرص به ٽن قسمن جو آهي (۱)…چڱو حِرص (۲)…بُرو حِرص (۳)…جائز حِرص پر جيڪڏهن ڪنهن حِرص ۾ سٺي نيت هوندي ته اهو حِرص محمود (يعني چڱو) بڻجي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن بُري نيت آهي ته مَذمُوم (يعني بُرو) حرص ٿي ويندو۔([1])

جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت ۽ ان جي توفيق سان نماز، روزو، حج، زڪوٰۃ، صدقو وخيرات، تلاوت، ذڪرالله، دُرُودِ پاڪ، حصولِ علمِ دين، صِله رحمي، خيرخواهي ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ ٻين نيڪين جو حرص هجي ته اهو حرص محمود (يعني سٺو) آهي۔ ۽ جيڪڏهن کائڻ پيئڻ، وڌيڪ سمهڻ، حلال مال گڏ ڪرڻ، پنهنجو گھر بنائڻ، تحفا ملڻ عمده لباس پائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن جو حرص هجي ته اهو حرص مباح (يعني جائز) آهي۔

جيڪڏهن خدانخواسته نفس و شيطان جي ورغلائڻ ۾ اچي رشوت، چوري، بدنگاهي، بدڪاري، اَمرَد پسندي، واه واه جي شهرت، فلمون ڊراما ڏسڻ، ڳائڻ وڄائڻ، نشي، جُوا جو حِرص، غيبت، تُهمت، چُغلي، گار ڏيڻ، بدگماني، ماڻهن جا عيب ڳولڻ ۽ ٻين گناهن جو حِرص هجي ته اهڙو حرص مذموم (بُرو) ۽ حرام و گناھ آهي۔

اسان کي ڪهڙو حرص اپنائڻ گھرجي؟

پيارا اسلامي ڀائرو! حِرص جا ٽي قسم اسان جي اڳيان آهن، هاڻي اسان غور ڪريون ته اسان ۾ ڪهڙو حِرص موجود آهي، ان حِرص جو رُخ موڙڻ اسان جي اختيار ۾ آهي، اچو اسان پنهنجي حرص جو رُخ نيڪي وارن ڪمن ڏانهن موڙي ڇڏيون، اسان نيڪين جا حريص بڻجي وڃون ۽ گناهن جي مذموم ۽ بُري حرص کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيون ڇوته بُرو حرص انسان کي تباھ و برباد ڪندو آهي جيئن ته پياري آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:


 

 



[1]   حرص،ص۱۳