Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

لالچ کان بچو ڇوته اهو يڪدم لاحق ٿيندڙ فقر آهي۔([1])

 ابنِ آدم جو حرص

حضرتِ سَيدُنا اَنَس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان رِوايت آهي ته پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ حقيقت نشان آهي: جيڪڏهن ابنِ آدم وٽ سون (Gold) جون ٻه واديون (يعني ٻه جبلن جي وچ ۾ جيڪا جڳھ ٿيندي آهي اهي) به هجن تڏهن به اهو ٽئين جي خواهش ڪندو ۽ ابنِ آدم جو پيٽ قبر جي مٽي ئي ڀري سگھي ٿي۔([2])

انسان جو حِرص ختم ناهي ٿيندو

علامه اَبُو زَڪرِيا يحيٰ بِن شَرَف نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه شرح مسلم ۾ فرمائن ٿا: حديث جي معنيٰ اها آهي ته انسان دنيا تي لالچي ئي رهندو ايستائين جو ان کي موت اچي وڃي ۽ ان جي پيٽ کي قَبر جي مٽي ئي ڀريندي.([3])

انتهائي لالچي ۽ بخيل

حضرت عَلَّامَه مُلَّا عَلي قَارِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن حديث ۾ هن ڳالھ تي خبردار ڪيو ويو آهي ته انسان جي فِطرَت ۾ هڪ اهڙو بُخل هوندو آهي جيڪو ان کي لالچي بڻائيندو آهي جيئن ته ارشاد اِلٰهي آهي:

قُلْ لَّوْ اَنْتُمْ تَمْلِكُوْنَ خَزَآىٕنَ رَحْمَةِ رَبِّیْۤ اِذًا لَّاَمْسَكْتُمْ خَشْیَةَ الْاِنْفَاقِؕ-وَ كَانَ الْاِنْسَانُ قَتُوْرًا۠(۱۰۰)

(پ۱۵،بني اسرائيل:۱۰۰)

ترجموڪنزالايمان:تون فرماءِ جيڪڏهن توهان ماڻهو منهنجي رب جي رحمت جي خزانن جا مالڪ هجون ها ته انهن کي به بند ڪري ڇڏيو ها خرچ ٿي وڃڻ جي خوف کان  ۽ انسان وڏو ڪنجوس آهي


 

 



[1]   الزھد الکبیر،ص ۸۶، حدیث: ۱۰۱

[2]   مسلم، کتاب الزکاۃ، باب لو ان لابن آدم ۔۔۔ الخ، ص۵۲۱، حدیث: ۱۱۶

[3]   فیضان ریاض الصالحین،۱/۲۷۸ بحوال شرح مسلم للنووی، کتاب الزکاۃ، باب کراھۃ الحرص علی الدنیا،۴/۱۳۹، الجزء السابع