Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

قرآنِ ڪريم جي تفسيرن مان هڪ مشهور تفسير "تفسيرِڪبير" ۾ آهي ته هتي انسان کي ان جي اصل جي اعتبار کان وڏو ڪنجوس فرمايو ويو آهي ڇوته انسان کي محتاج پيدا ڪيو ويو آهي ۽ محتاج انسان لازمي طور تي انهيء شيء کي پسند ڪندو آهي ۽ پنهنجي ذات جي لاءِ روڪي وٺندو آهي جنهن سان محتاجي دور ٿي وڃي۔ جڏهن ته انسان جي سخاوت خارجي سبب جي ڪري ٿيندي آهي جيئن پنهنجي ساراھ جو پسند ٿيڻ يا ثواب ملڻ جي اميد هئڻ۔ هن مان ثابت ٿيو ته انسان پنهنجي اصل جي اعتبار کان بخيل آهي۔([1])

۽ اها آيت ابنِ آدم جي انتهائي لالچي ۽ بخيل هئڻ تي دليل آهي، ابنِ آدم ان پکي کان به وڌيڪ بخيل ۽ لالچي آهي جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هن خوف کان اڃارو مري ويندو آهي ته ڪٿي پاڻي پيئڻ سبب پاڻي خَتم نه ٿي وڃي ۽ ان ڪيڙي کان به وڌيڪ بخيل ۽ لالچي آهي جنهن جي خوراڪ مٽي آهي پر اهو ان خوف کان بکايل مري ويندو آهي ته ڪٿي کائڻ سبب مٽي ختم نه ٿي وڃي۔([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! مال جو حرص اهو مذموم (بُرو) حرص آهي جو الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ کوڙ ساري آيتن ۾ هن کان بچڻ ۽ مال جي حرص جي مذمت بيان فرمائي، ڪٿي فرمايو ويو ته اي ايمان وارو! توهان جو مال نه توهان جو اولاد ڪا شيء توهان کي الله جي ذڪر سان غافل نه ڪري۔ ڪٿي فرمايو ويو ته مال توهان جي لاءِ فتنو آهي، ڪٿي فرمايو ته جيڪو دنيا جي آرائش چاهي ٿو ته اسان دنيا ۾ ان کي پورو ثمر ڏينداسين، مال سان محبت ڪرڻ واري جي باري ۾ فرمايو: بيشڪ هو مال جي محبت ۾ ضرور گھڻو شديد آهي، پر الله جي نعمتن جي شڪر ۽ ان جي ذڪر کان غافل آهي۔

حضورنبي ڪريم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام مختلف موقعن تي مال جي مذمت جي باري ۾


 

 



[1]   تفسیر کبیر، الاسراء، تحت الآیۃ: ۱۰۰، ۷ / ۴۱۲

[2]   مرقاۃ المفاتیح، کتاب الرقاق، الفصل الاول، ۹/۱۲۴، تحت الحدیث:۵۲۷۳