Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

فرمايو: مال جي محبت دل ۾ هن طرح نفاق پيدا ڪندي آهي جيئن پاڻي سبزي ڦٽائيندو آهي۔ وڌيڪ مال هلاڪ ڪرڻ وارو ۽ پنهنجي مالڪ کي بُرن ماڻهن ۾ شامل ڪندو آهي۔ مال آخرت جي لاءِ وبال جو سبب آهي۔ مال ۽ مرتبي جو حرص انسان جي دين کي ان کان وڌيڪ نقصان پهچائيندو آهي جيترو ٻه بکايل بگھڙ ٻڪرين جي ڌڻ کي پهچائيندا آهن۔([1])مال يعني درهم و دينار واري ٻانهي تي لعنت ڪئي وئي آهي([2]) ۽ پاڻ فرمايائون ته انسان پوڙهو ٿي ويندو آهي پر مال جي لالچ ۽ عمر جي زِيادَتي جوان رهندي آهي۔([3])

دولت کی حرص دل سے اللہ دُور کر دے                                                                       عشقِ رسول دے دے یہ دعا کر رہے ہیں([4])

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

لالچي شخص جو معبود

     اي عاشقانِ رسول! واقعي حرص ۽ لالچ تمام بُري بلا آهي، حضرت سيدنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: لالچي شخص جنهن شخص سان لالچ رکندو آهي اهو شخص ڄڻ ان جو مَعبود بڻجي ويندو آهي۔ پوءِ هي ان سان دوستي ڪرڻ، ان جو محبوب بڻجڻ ۽ ان تائين پهچڻ جي لاءِ هر راھ تي هلڻ لڳندو آهي ۽ ان جي گھٽ مان گھٽ اها حَالَت هوندي آهي جو هو ڪوڙي ساراھ ڪندو آهي ۽ اَمرٌ بِالمَعرُوف ۽ نَهي عَنِ المُنڪر (يعني نيڪي جو حڪم ڪرڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ کي) تَرڪ ڪندي ان جي سامهون مُداهنت سان ڪم وٺندو آهي (يعني حق ڳالھ لڪائيندو آهي)۔([5])


 

 



[1]   ترمذی، کتاب الزھد عن رسول اللہ، ۴/۱۶۶،حدیث: ۲۳۸۳ 

[2]   ترمذی، کتاب الزھد عن رسول اللہ،۴/۱۶۶، حدیث: ۲۳۸۲ 

[3]   مسلم، کتاب الزکاۃ، باب کراھۃ الحرص علی الدنیا،ص ۵۲۱،حدیث: ۱۱۵۔ (۱۰۴۷) 

[4]   وسائل بخشش مرمم، ص ۲۹۹

[5]   احیاء العلوم،۳/۱۰۲