Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

لالچ جي چمڪ

اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا علي المرتضٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو فرمان آهي: لالچ جي چمڪ ڏسي عقل اڪثر مار کائي ويندو آهي۔ سندن جو ئي فرمان آهي: مَردن جي عقل کي شراب به ايترو خراب ناهي ڪندو جيترو لالچ ڪندي آهي. ([1])

مال جي حرص جو وبال

پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي لالچ جي چمڪ ڏسي عقل اڪثر مار کائي ويندو آهي ۽ اهڙي طرح لالچي شخص لالچ ۾ اچي الله پاڪ جي نافرماني ڪرڻ، ان جي برگزيده ٻانهن جي مخالفت ڪرڻ کان به ناهي مڙندو ۽ لالچ ۾ اچي پنهنجي دين کان ئي آجو ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي آخرت ته برباد ڪندو ئي آهي دنيا ۾ به ذليل ۽ رسوا ٿي ويندو آهي۔

حرص و ہوسِ بَد سے دل تُو بھی سِتَم کر لے                                                  تُو ہی نہیں بے گانہ دُنیا ہی پَرائی ہے([2])

 شعر جي مختصر وضاحت: هن شعر ۾ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي دل کي مخاطب ڪندي فرمائن ٿا: اي دل بُري لالچ ۽ طمع سان جيترو ظلم ڪري سگھين ٿي ڪري وٺ ڇوته صرف تُون ئي نه، سڄي دنيا ئي اجنبي ۽ بيگاني آهي۔ جيڪا صرف پنهنجي خواهشات جي پويان پيل آهي۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڊگھي ڄمار جو حرص

 مال جي حرص کان علاوه هڪ حرص وڏي زندگي جو به آهي جنهن جي خواهش في زمانه شايد هر شخص پنهنجي دل ۾ کنيو وتندو آهي، وڏيون وڏيون


 

 



[1]   المستطرف فی کل فن مستظرف، الباب العاشر: فی التوکل...الخ، ص ١١٢

[2]   حدائق بخشش،ص۱۹۳ مکتبۃ المدینہ کراچی