Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

اميدون ۽ منصوبا (Plans) ٺاهي رکندو آهي جڏهن ته خداءِ جبار و قهار مشرڪن جي ڊگھي زندگي جي خواهش جي مذمت ڪندي ارشاد فرمائي ٿو:

وَ لَتَجِدَنَّهُمْ اَحْرَصَ النَّاسِ عَلٰى حَیٰوةٍۚۛ-وَ مِنَ الَّذِیْنَ اَشْرَكُوْاۚۛ-یَوَدُّ اَحَدُهُمْ لَوْ یُعَمَّرُ اَلْفَ سَنَةٍۚ-وَ مَا هُوَ بِمُزَحْزِحِهٖ مِنَ الْعَذَابِ اَنْ یُّعَمَّرَؕ-وَ اللّٰهُ بَصِیْرٌۢ بِمَا یَعْمَلُوْنَ۠(۹۶) (پ۱،البقرة:۹۶)                                                                                                  

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ بيشڪ توهان انهن کي سڀني کان وڌيڪ حياتي تي حرص ڪندڙ ڏسندا، ۽ مشرڪن مان ڪن جي تمنا آهي ته جيڪر هزار سال زنده رهي ۽ ان وڏيءَ عمر جو ملڻ ان کي عذاب کان نٿو پري ڪري سگهي، خدا سندن ڪمن کي ڏسي رهيو آهي

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان جيڪو بيان ڪيو ويو ان جو خلاصو آهي: اي حبيب!صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، مجوسي مشرڪ هزار سال جيئڻ جي تمنا رکن ٿا ۽ يهودي ان کان به وڌي ويا آهن ڇوته انهن جي جيئڻ جي هوس سڀ کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ايتري عمر جو ڏنو وڃڻ به ان کي جهنم جي عذاب کان پري نه ڪري سگھندو ۽ الله پاڪ انهن جي سمورن عملن کي خوب ڏسي رهيو آهي ۽ انهن جو ڪو حال الله پاڪ کان لڪيل ناهي۔([1])

دنياوي زندگي جا حريص ڪير؟

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪافر دنياوي زندگي جا حريص هوندا ۽ موت کان گھڻو ڀڄندا آهن جڏهن ته مومن جو شان اهو آهي ته هو جيڪڏهن زندگي چاهي ٿو ته صرف ان ڪري جو گھڻيون نيڪيون ڪري، آخرت جو سامان گڏ ڪري ۽ آخرت جو سامان گڏ ڪرڻ جي لاءِ زندگي چاهڻ اها زندگي جي هوس ناهي بلڪه آخرت جي تياري آهي جيڪو سٺو حرص آهي۔ پر ياد رهي ته ڊگھي عمر ۽ وڌيڪ مال الله پاڪ جي راضي ٿيڻ جي نشاني ناهي بلڪ اهي ته بعض اوقات وبال جو ذريعو بڻجي ويندا آهن۔


 

 



[1]   خازن، البقرۃ، تحت الآیۃ: ۹۶، ۱ / ۷۱