Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته هڪ شخص عرض ڪيو: يارسول الله!صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڻهن ۾ سڀ کان بهترين ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون؛ جنهن جي عمر ڊگھي هجي ۽ عمل نيڪ هجي۔ ان شخص ٻيهر عرض ڪيو: ماڻهن ۾ سڀ کان برو ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون: جنهن جي عمر ڊگھي ۽ عمل بُرو هجي. ([1])

حرصِ دنیا نکال دے دل سے                                                             بس رہوں طالبِ رضا یا رب([2])

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هر  حرص  بُرو  ناهي ٿيندو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مال جي حرص ۽ ڊگھي ڄمار جي حرص جي باري ۾ ٻڌو، ياد رکو! هر حِرص بُرو ناهي هوندو بلڪ چڱي شيء جو حِرص چڱو ۽ بُري جو حِرص بُرو ٿيندو آهي، پر چڱائي يا بُرائي ڏانهن وڃڻ اسان جي هٿ ۾ آهي۔ مال نه ئي مُطلَقاً ڀلائي جي شيء آهي نه ئي مَحض بُرائي جي شيء، جيئن مال ڪمائڻ جو حِرص به هر صورت ۾ برو ناهي۔ قدرِ ڪفايت کان وڌيڪ مال ڪمائڻ جو حِرص ان ڪري رکڻ ته پنهنجي قريبي رشتيدارن جي مدد ڪندو ته اهو سٺو حرص آهي، جڏهن ته ٻين تي فخر ڪرڻ جي نيت سان ائين ڪرڻ برو آهي۔ بهارِ شريعت جلد 3 حصو 16صفحي 609 تي آهي، جنهن جو خلاصو آهي: ايترو ڪمائڻ فرض آهي جو پنهنجي لاءِ، اهل و عيال جي لاءِ يا جن جو خرچو ان جي ذمي واجِب آهي، انهن تي خرچ ڪرڻ جي لاءِ ۽ قرض وغيره ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هجي، ان کان علاوه ماءُ پيءُ تنگ دست هجن ته انهن جي لاءِ ايترو ڪمائڻ جو انهن کي ڪافي ٿئي اهو به فرض آهي۔ ان فرض


 

 



[1]   ترمذی، کتاب الزہد عن رسول اللہ، باب منہ، ۴ / ۱۴۸، الحدیث: ۲۳۳۷

[2]   وسائل بخشش مرمم، ص ۸۱