Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

ڪمائي کان پوءِ ان کي اختيار آهي ته انهيء کي ڪافي سمجھي يا وڌيڪ ڪمائي ڪجھ مستقبل جي لاءِ بچائي رکي۔ ۽ مستحب جي صورت اها آهي ته پنهنجي انهن حاجتن کان علاوه فقيرن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ يا پنهنجي قريبي رشتيدارن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ ڪمائي اهو مستحب ۽ نفل عبادت کان افضل آهي۔ ۽ ان لاءِ ڪمائڻ جو مال ۽ دولت وڌيڪ هئڻ سان منهنجي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو، فخر وتڪبر جي نيت نه هجي ايترو ڪمائڻ مباح آهي۔ ۽ جيڪڏهن ڪمائڻ جو مقصد فقط مال جي ڪثرت يا فخر و تڪبر آهي ته منع آهي۔([1])

حرص کان بچڻ جون تدبيرون

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً حرص کان بچڻ ناممڪن آهي ڇوته اهو انسان جي خمير ۾ شامل آهي، پر بُري حرص کي نيڪي جي حرص ۾ تبديل ڪرڻ ممڪن آهي۔ بُري حرص کان بچڻ جي لاءِ * بارگاھ الٰهي ۾ حِرص کان بچڻ جي دعا ڪريو * مال جي حِرص جي نقصانن تي غور ڪريو * صبروقناعت اپنايو * خواهشات تي ڪنٽرول ڪريو * پنهنجي رب تي حقيقي توڪل ۽ خرچ ۾ ميانه روي اختيار ڪريو * وڏيون اميدون نه رکو * موت کي ياد ڪريو * ميدانِ محشر ۾ مالدارن جي حساب جو تصور ڪريو * سخاوت جي عادت اپنايو * مال جي حريصن جا عبرتناڪ انجام پنهنجي پيشِ نظر رکو۔

عبادت جو حرص

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!متعلق سنا بھائیوے یال کے لئے کچھ جمع کرنے کی  مال ودولت، منصب وشهرت ۽ ٻين دنياوي شين جي بُري حرص کان بچي نيڪين جو حريص بڻجڻ بيحد ضروري آهي، سرڪارِ ذي وقار، مديني جي تاجدارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نيڪين جو حريص بڻجڻ جي تاڪيد فرمائيندي ارشاد فرمايائون: ان تي حرص ڪريو جيڪو توهان کي نفعو ڏئي ۽


 

 



[1]   الفتاوی الھندیۃ،کتاب الکراھیۃ،الباب الخامس عشر فی الکسب،ج۵، ص ۳۴۸،ملخصاً