Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

الله پاڪ کان مدد گھرو عاجز نه ٿيو۔([1])

حضرت علامه شرف الدين نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي شرح بيان ڪئي ته: الله پاڪ جي عِبَادَت ۾ خوب حِرص ڪريو ۽ ان تي اِنعام جي لالچ رکو پر هن عبادت ۾ به پنهنجي ڪوشش تي ڀروسو ڪرڻ جي بدران الله پاڪ کان مدد گھرو۔([2])

 مفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: دُنياوي شين ۾ قَناعت ۽ صبر سٺو آهي پر آخرت جي شين ۾ حِرص ۽ بي صبري اعليٰ آهي، دين جي ڪنهن درجي تي پهچي قناعت نه ڪريو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريو۔([3])     

نيڪين جو حرص وڌايو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجو اهو ذهن بڻائي وٺو ته مون کي نيڪين جو حريص بڻجڻو آهي، نيڪين جو حَرِيص بڻجڻ جي لاءِ (۱)…نيڪين جي فضيلتن جو مُطَالَعو ڪريو ڇوته انساني طبيعت هن شيء ڏانهن جلد راغب ٿيندي آهي جنهن ۾ ان کي پنهنجو فائدو نظر ايندو آهي پوءِ (۲)…رضاءِ الٰهي ماڻڻ جي نيت کان راھ عمل تي قدم رکو (۳)… نيڪين تي اِستقامت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ چڱي صُحبَت اِختيار ڪريو ۽ (۴)…جهڙي طرح مال ودولت جا حريص ماڻهو مالدارن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائيندا آهن ته مون کي به انهن وانگر مالدار بڻجڻو آهي، اهڙي طرح اسان کي به گھرجي ته نيڪيون ڪرڻ جو جذبو وڌائڻ، هن راھ ۾ پيش ايندڙ مشقتن کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو ماڻڻ جي لاءِ ۽ ٻين سُٺين سُٺين نيتن سان گڏ بزرگانِ دين رَحِمَهمُ اللّه کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي وٺو ڇوته انهن پاڪيزه هستين جون زندگيون يقيناً اسان جي لاءِ رهنما اصول آهن۔([4]) اچو


 

 



[1]   مسلم،کتاب القدر،باب فی الامر بالقوة …الخ،ص۲۳۴۱،حدیث:۴۶۶۲

[2]   شرح مسلم للنووی، الجزء ۶۱،۸/۵۱۲،ملخصًا 

[3]   حرص،ص١۸بحوالہ مراٰۃ المناجیح،۷/۲۱۱

[4]   حرص،ص۲۲