Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

ترغيب جي لاءِ ڪجھ واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔

(۱) صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شوقِ عبادت

حضرتِ سيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته اسان بيڪسن جي مددگار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: اڄ توهان مان ڪنهن روزو رکيو؟ ته حضرتِ سيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه عَرض ڪيو: مون۔ پوءِ معلوم ڪيائون: اڄ توهان مان ڪنهن جنازي ۾ شرڪت ڪئي؟ ته پاڻ عَرض ڪيو: مون۔ پڇيائون: اڄ توهان مان ڪنهن مسڪين کي کاڌو کارايو؟ پاڻ عَرض ڪيو: مون۔ اِرشاد فرمايائون: اڄ توهان مان ڪنهن مريض جي عيادت ڪئي؟ ته عَرض ڪيو: ’’مون۔‘‘ ته ٻنهي جھانن جي شَهنشاھ، اُمّت جي خيرخواه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جنهن ۾ به اهي عادتون گڏ ٿي وڃن اهو جنت ۾ داخِل ٿيندو۔([1])

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سُبْحٰنَ الله! سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪيتري قدر نيڪين جا حريص هئا، الله پاڪ انهن جي صدقي اسان کي به اهو جذبو نصيب فرمائي۔   

نہایت مُتَّقی و پارسا صِدِّیقِ اکبر ہیں                                                                                            تَقی ہیں بلکہ شاہِ اَتْقِیا صِدِّیقِ اکبر ہیں

امیرُالمؤمنیں ہیں آپ امام المسلمیں ہیں آپ                                  نبی نے جنّتی جن کو کہا صِدِّیقِ اکبر ہیں([2])

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(۲)   زخمي حالت ۾ به نماز ادا فرمائي

اَمِيرُ المُومِنِين حضرتِ سيدُنا عمر فاروقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ عَنْه تي فجر نماز کان پهريان خنجر سان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، پر پاڻ شديد زخمي ٿيڻ جي باوُجُود پنهنجي زندَگي جي آخري ساھ تائين نَماز جو  اِهتمام ڪندا رهيا.([3])


 

 



[1]   حرص ،ص،۲۸بحوالہ مسلم ،ص۳۱۵،حدیث:۸۲۰۱

[2]   وسائلِ بخشش(مرمم)، ص۵۶۵

[3]   مصنف ابن ابی شیبہ،۸/۹۷۵،حدیث:۲۱