Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

یا الٰہی گرمِیٔ مَـحْشَر سے جب بھڑکیں بدن                دامنِ محبوب کی ٹھنڈی ہوا کا ساتھ ہو([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* سٺين سٺين نيتن سان اوّل تا آخر بيان ٻڌو۔ * پوري توجھ سان گڏ بيان ٻڌڻ جي نيت ڪريو، * ادب سان ويهڻ جي نيت ڪريو۔ * جيڪڏهن اوهان وٽ قلم (Pen/Pencil)، ڊائري آهي ته اَهمّ ڳالهيون نوٽ ڪرڻ جي به نيت ڪريو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”چڱي ۽ بُري لالچاڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌنداسين، زبان لٽڪي سيني تي اچي وئي، لالچ ڇا کي چئبو آهي، لالچ  جو انجام، مال جي لالچ ، لالچ  جو وبال، لالچ جي چمڪ، بُري لالچ کان بچڻ ۽ سٺي لالچ اپنائڻ جا طريقا۔ ۽ ان کان علاوه ڪيئي اهم معلومات ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 


 

 



   حدائقِ بخشش،ص۱۳۲