Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

وہ عُمَر وہ حبیبِ شہِ بحر و بر                      وہ عمر خاصۂ ہاشمی تاجور

وہ عمر کھل گئے جس پہ رحمت کے در           وہ عمر جس کے اعداء پہ شیدا سَقَر

اُس خدا دوست حضرت پہ لاکھوں سلام([1])

 شعر جي مختصر وضاحت: اهو عمر (رَضِىَ اللهُ عَنْه) جيڪو رسولِ اڪرم، تاجدارِ حرم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دوست آهي ۽ خاصن منجهان آهي، جن تي الله پاڪ پنهنجي رحمت جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ انهن جي دشمنن تي دوزخ لازم آهي جو اهي دشمن جيئن دوزخ جي ويجھو ويندا اهو انهن کي پڪڙي وٺندو، اهو حضرت عمر جيڪو الله جو دوست آهي ان تي لکين سلام هجن۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(۳) تلاوتِ قرآن دوران شهادتِ عثمان

حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه کي سرڪار عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام پهريان ئي عاليشان شهادت جي خوشخبري ٻڌائي هئي ته اي عثمان! تون سُوره بقره پڙهندي شهيد ٿيندي ۽ تنهنجو رت هن آيت تي پوندو: ”فَسَيَکْفِيْکَهُمُ الله([2]) پنهنجي خِلَافَت جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن حضرتِ سيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه سخت آزمائش ۾ مُبتَلا ٿيا ۽ پنهنجي انهن ڏينهن کي زندگي جو آخري ڏينهن سمجھندي به ڪنهن قسم جو حيلو ڪرڻ بدران نفل روزا رکندا هئا ۽ تلاوتِ قرآن ۾ مشغول رهندا هئا ايستائين جو جڏهن سندن شَهادَت ٿي ته ان وَقت به تِلاوَت ڪري رهيا هئا۔ سندن جسم مُبارَڪ مان نڪرندڙ شهادت واري رت جا قطرا سامهون کليل قرآنِ ڪريم جي ان آيت تي پيا جنهن جي باري ۾ غيب


 

 



[1]   حدائق بخشش،ص۳۱۲

[2]   مستدرک،۴/۲۶،حدیث:۱۱۶۴