Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

ڄاڻڻ واري آقا ، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خَبَر ڏني هئي۔ ([1])

واسِطہ نبیوں کے سَرْوَر کا     واسِطہ صِدِّیق اور عُمَر کا                              واسِطہ عثمان وحیدر کا   یااللہ مِری    جھولی    بھر    دے

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(٤) مولا مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ذوقِ عبادت

                                                امير المؤمنين حضرت سَيدُنا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڪيئي ڀيرا ڏٺو ويو ته جڏهن رات جي اونداهي ڇائنجي ويندي هئي، تارا چمڪي رهيا هوندا هئا ۽ پاڻ پنهنجي محراب ۾ ڏڪندي پنهنجي ڏاڙھي مبارڪ پڪڙي ايترا بي چين ويٺل هوندا هئا جو ڄڻ زهريلي نانگ ڏنگي ورتو هجي۔ پاڻ غم ۾ ورتل شخص جيان روئيندي ۽ بي اختيار ٿي ''اي منهنجا رب! اي منهنجا رب! پڪاريندا هئا، پوءِ دنيا کي مخاطب ٿي فرمائيندا هئا، تون مون کي ڌوڪي ڏيڻ جي لاءِ آئي آهين؟ منهنجي لاءِ بڻجي سنورجي آئي آهين ؟ پري ٿي وڃ! ڪنهن ٻئي کي ڌوڪو ڏجان، مان توکي ٽي طلاقون ڏئي چڪو آهيان، تنهنجي عمر گھٽ آهي ۽ تنهنجي محفل حقير جڏهن ته تنهنجون مصيبتون سهڻ آسان آهن، افسوس! زادِ راھ جي ڪمي آهي ۽ سفر ڊگھو آهي جڏهن ته واٽ وحشت سان ڀر پور آهي۔([2])

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي جيڪڏهن اسان پنهنجي اسلاف جي سيرت کي ڏسون ته انهن جون مبارڪ زندگيون نيڪ عملن جي حرص سان مالا مال آهن۔ ڪنهن جون راتيون تلاوتِ قرآن ۾ گذرنديون هيون ته ڪنهن جون نفل جي قيام ۾، ڪو سجدي جي حالت ۾ سڄي رات گذاري ڇڏيندو هو ته ڪو رب جي بارگاھ ۾ ٻاڏائيندي دعا ۾، ڪو روز ڏينهن ۾ ته ڪو روز رات ۾ هڪ قرآنِ ڪريم جي تلاوت فرمائيندو هو ته ڪنهن جي زندگي جو هڪ حصو ڏينهن ۽ رات ۾ ٻه قرآنِ ڪريم ختم ڪرڻ ۾ گذريو، ايستائين جو اهڙا بزرگ به گذريا


 

 



[1]   حرص،۲۹تا۳۱

[2]   حلية الاولیاء ، ذکر الصحابة من المهاجرین ،۱/۸۵