Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

آهن جن جي 60 سال تائين هڪ نماز جي جماعت به قضا نه ٿي۔ الله پاڪ انهن هستين جي صدقي اسان کي به نيڪين جو حريص بڻائي ۽ اسان کي فرائض و واجبات جي ادائيگي سان گڏوگڏ نفل جو به حِرص عطا ڪري۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت                                                                                                 ہو توفیق ایسی عطا یا الٰہی

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سٺي صُحبت اپنايو

چيو ويندو آهي ته خربوزي کي ڏسي خربوزو رنگ پڪڙيندو آهي، تِر کي گلاب جي گل ۾ رکيو وڃي ته ان جي صُحبَت ۾ رهي گلابي ٿي ويندو آهي۔ اهڙي طرح عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابَسته ٿي عاشِقانِ رسول جي صُحبَت ۾ رهڻ وارو معمولي پٿر به الله ۽ رسولصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مهرباني سان اَنمول هيرو بڻجي ويندو آهي، خوب جرڪندو آهي ۽ اهڙي شان سان موت واقع ٿيندي آهي جو ڏسڻ وارو ان تي رشڪ ڪندو ۽ جيئڻ جي بدران اهڙي رشڪ ڀري موت جي آرزو ڪرڻ لڳندو آهي۔ اوهان به دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ دعوتِ اِسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اِجتماع ۾ شِرڪت ۽ راھ خدا ۾ سَفَر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي مَدَني قافلن ۾ سَفَر ڪريو۔

مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم هفتيوار اجتماع

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول سٺي صُحبت فَراهم ڪري ٿو، ان جي برڪت سان لکين ماڻهو گُناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري نيڪين ڀري زِندگي گُذاري رهيا آهن۔ اوهان به دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ حصّو وٺو۔ انهن مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم هفتيوار سُنّتن ڀري