Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

اجتماع ۾ شِرڪت ڪرڻ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيندڙ هفتيوار سنّتن ڀري اجتِماع جو آغاز بعد نمازِ مَغرِب سوره مُلڪ جي تِلاوت سان ٿيندو آهي۔ ان کان پوءِ نَعت شريف پڙھي ويندي آهي۔ پوءِ بيان ٿيندو آهي، جنهن ۾ عِلمِ دين جا گھڻا قيمتي موتي ميڙڻ جو موقعو ملندو آهي۔

پوءِ ذِڪر و دُعا ۽ صَلوٰۃ وسَلام ٿيندو آهي۔ ان کان پوءِ نمازِ عشاء ۽ نماز کان پوءِ مدني حلقا لڳندا آهن، جنهن ۾ مختلف موضوعات (مثلًا گناهن جي عذابن يا نيڪين جي ثوابن) تي مختصر بيان، ڪا هڪ دُعا ياد ڪرائي ويندي آهي، ۽ اجتماعي محاسبو ڪرايو ويندو آهي۔ پوءِ آرام جو وقفو، خوش نصيب عاشقانِ رسول رات جو اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءِ تهجد نماز جون برڪتون ماڻندا آهن، فجر جي اذان کان پوءِ صداءِ مدينه، فجر نماز باجماعت، نماز کان بعد مدني حلقي ۾ شرڪت ۽ پوءِ مدني انعام تي عمل ڪندي اِشراق و چاشت جي سعادت ماڻڻ کان پوءِ صلوٰۃ و سلام تي اجتِماع جو اِختِتام ٿي ويندو آهي۔ اجتماع جي اختتام تي ڪثير عاشقانِ رسول سُنّتن جي تربيت جي مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔ اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گھر ۾ مدني ماحول ڪيئن بڻيو؟

لاهور جي علائقي ملتان روڊ جي هڪ اسلامي ڀاءُ ڪجھ هن قسم جي تحرير موڪلي ته مان لاپرواهه قسم جو شخص هئس، ٽِفن وڄائي ٻارن جا گيت ڳائڻ ۽ قَوالن جـون نَقلون ڪرڻ جــي معاملي ۾ سڄي خاندان ۾ مشهور هئس. شادي ۽ ٻين تقريبن ۾ فِلمِي غَزلُون ۽ گانا ڳائڻ، بي ڍنگي انداز ۾ نچڻ، ماڻهن کي کلائڻ منهنجو پسنديده مشغلو هو. اسڪول جو زمانو هو، هڪ عمامي وارو اسلامي ڀاءُ مونکي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع جي دعوت پيش ڪئي، مان انهن جي دعوت تي خميس جي ڏينهن سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ وڃي پهتس، مونکي ڏاڍو سٺو لڳو، ائين مان پابندي سان وڃڻ شروع ڪيو ۽ ٻين ڪلاسي