Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

دوستن کي به دعوت پيش ڪئي جنهن تي اهي به اچڻ  لڳا. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه مون نمازن جي پابندي شروع ڪري ڏني. آهستي آهستي عِمامو شريف به سجائي ورتو، جنهن تي گهر جي ڪِن ڀاتين سختي سان مُخالَفَت ڪئي، ايتري تائين جو عِمامو شريف ڇِڪي لاٿو ويندو هو. درس ڏيڻ جي لاءِ منع ڪيو ويندو هو زلف رکڻ تي زبردستي ڪٽرائي ڇڏيندا ها. سُنّتن ڀري بيانن جون ڪيسٽون ٻڌڻ سان آٿت ملي ۽ حوصلو وڌندو ويوـ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه آهستي آهستي گهر ۾ به مدنِي ماحول بڻجي ويو، اهي گهر وارا جيڪي سُنّتن ڀري اجتماع ۽ مدني قافلي ۾ سفر جي اجازت نه ڏيندا هئا، انهن مونکي ٻَارهن مَهِينن جي سفر جي اجازت ڏئي ڇڏي. گهر ۾ اِسلامي ڀينرن جـو اِجـتماع شـروع ٿي ويوـ والـد صـاحـب ڏاڙهـي سجائي ورتي۔([1])

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هفتيوار اجتماع بيانات ايپلي ڪيشن" اِسلامڪ سَپِيچِز (Islamic Speeches)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ (I.T Department) جي ڪوشش سان (Islamic Speeches) جي نالي سان هڪ ايپلي ڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي، هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي اوهان هفتيوار اجتماع ۾ ٿيندڙ بيانات تحريري صورت ۾ حاصل ڪري سگھندا۔ هن ۾ اردو کان علاوه، انگلش، هندي، سنڌي، رومن اردو،Dutch زبانن ۾ به بيانات موجود آهن۔ گڏوگڏ مخصوص ايونٽ جي حوالي سان بيانات به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل ڪيا ويندا آهن۔ انهن بيانات جي مطالعي سان کوڙ سارو ديني علم سکڻ جو موقعو ملندو، اڄ ئي هن ايپليڪيشن کي انسٽال ڪري خوب برڪتون حاصل ڪريو۔

بُري حرص پيدا ٿيڻ جا سبب

پيارا اسلامي ڀائرو! دنياوي مال و دولت، جاه و منصب ۽ گناهن جي بُري


 

 



[1]   غیبت کی تباہ کاریاں ، ص۴۰۷ ، ملخصاً