Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

حرص کان بچڻ جي لاءِ ان جي پيدا ٿيڻ جي سببن کي ڄاڻڻ به نهايت ضروري آهي۔ بُري حرص جي پيدا ٿيڻ جا ڪجھ سبب هي آهن:

تربيت جو صحيح نه هئڻ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بُري حرص پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب صحيح تربيت جو نه هئڻ آهي ڇوته جهڙي تربيت ٿيندي اهڙو ئي اثر ظاهر ٿيندو، جيڪڏهن والدين ٻارن کي ۽ استاد پنهنجي شاگردن (Students) کي دنياوي جاه و منصب، مال و متاع ۽ انهن کي انهن جي منزل بابت ٻڌائيندا ته هو يقيني طور تي پنهنجي انهيء منزل جو حرص رکندا ۽ انکي ماڻڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري انهي طرف ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪندا۔

جيڪڏهن انهن کي خوفِ خدا جي باري ۾ ٻڌائيندا، عشقِ مصطفيٰ جو جام پِيئاريندا ته يقيناً انهن ۾ حرص به انهيء شيء جو پيدا ٿيندو جيئن ته حضرت علامه عبدالرحمن ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا ته منهنجي سنجيده طبيعت، مذهبي لڳاءُ ۽ دين ۾ اڳتي وڌڻ جي جستجو ۾ لڳل رهڻ جو سبب منهنجي استاد سڳورن جو انداز هو ڇوته انهن مان اڪثر گهڻو روئڻ وارا، رِقّتِ قلبي رکڻ وارا هئا ۽ اهڙي رِقّت هوندي هئي جو جڏهن اهي روئيندا هئا ته گھڻي دير تائين روئيندا رهندا هئا، انهن کي ڏسي ڪري منهنجي اندر به اهڙو ئي جذبو پيدا ٿيڻ لڳو ۽ مان به پنهنجي دل ۾ رِقّت ڏسان ٿو۔([1])

بُري حرص پيدا ٿيڻ جو هڪ سبب علمِ دين کان دوري پڻ آهي ڇوته انسان جنهن شيء جو علم ناهي رکندو، ان کي ڪري وٺندو آهي ۽ اهڙي طرح گناهن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي۔ علم جي برڪت سان انسان کوڙ گناهن کان بچي نيڪي جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندو آهي۔

گناهن جي حرص کان بچڻ جا ٽي علاج


 

 



[1]   حفظ العمر،مقدمہ ،ص9، دارالبشائر الاسلامیہ بیروت