Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حرص و لالچ جي باري ۾ ٻڌو، اچو! بُري حرص جا ٽي علاج به ٻڌون ٿا:

(1)… گناهن جي سڃاڻپ ڪريو۔ گناهن جي سڃاڻپ حاصِل ڪرڻ ۽ انهن جون سزائون ڄاڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول عالم سڳورن ۽ مفتي سڳورن جي صُحبت اِختِيار ڪريو، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي مدني مذاڪرن ۾ اوّل تا آخر شرڪت ڪريو، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جون دعائون وٺندي هر هفتيوار رسالو ۽ مڪتبة المدينه جي ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪريو۔ (2) گناهن جي نقصانن تي غور ڪريو ڇوته جڏهن انسان گناھ ڪندو آهي ته غضبِ الٰهي کي دَعوت ڏيندو آهي، جنت کان پري ۽ جهنم جي قريب ٿي ويندو آهي، پنهنجي جان کي تڪليف ۾ وجھندو آهي، پنهنجي باطن کي ناپاڪ ڪندو آهي، عمل لکندڙ ملائڪن کي تڪليف ڏيندو آهي، الله پاڪ ۽ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ناراض ڪندو آهي، تمام انسانن سان خِيانَت ۽ رَبُّ العٰلَمِين جي نافرماني ڪندو آهي۔ وغيره وغيره۔ (3)… بُري خاتمي جو خوف دل ۾ پيدا ڪريو ڇوته گناهن جو حرص رکندي گناهن ۾ مُبتَلا رهڻ ۽ توبه جي توفيق نصيب نه ٿيڻ به بُري خاتمي جي سببن مان هڪ سَبَب آهي۔([1])

حرص کان بچڻ جا طريقا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حرص کان بچڻ جي لاءِ * بارگاھ الٰهي ۾ حِرص کان بچڻ جي دعا ڪرڻ * خواهشن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ اخراجات ۾ ميانه روي اِختِيار ڪرڻ * پنهنجي ربّ ڪريم تي حقيقي تَوَڪل ڪرڻ * وڏيون وڏيون اميدون نه لڳائڻ * موت کي ياد رکڻ * ميدانِ مَحشَر ۾ مالدارن کان حِساب جو تَصَوُّر ڪرڻ * سَخَاوَت اپنائڻ * صَبر وقَناعَت سان ڪم وٺڻ * حِرصِ مال جي نقصانن تي غور ڪرڻ * مال جي حريصن جي عبرتناڪ اَنجَام کي پڻ


 

 



[1]   حرص، ص۴۲ملتقطاً