Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

زبان لٽڪي سيني تي اچي وئي    

مفسرِ قرآن حضرت علّامه احمد بن محمد صاوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تفسير صاوي ۾ لکن ٿا: بَلۡعَمۡ بِن بَاعُوۡرَاء پنهنجي دور جو تمام وڏو عالم، عابد ۽ زاهد هو. هن کي اسم اعظم جو علم به هو، اهو پنهنجي جڳھ تي ويهي پنهنجي روحانيت سان عرش اعظم کي ڏسي وٺندو هو ۽ نهايت مستجاب الدعوات هو، هن جون دعائون گھڻيون قبول ٿينديون هيون، هن جي شاگردن جو تعداد به گھڻو هو، مشهور اهو آهي ته هن جي درسگاھ ۾ شاگردن جي دوات (مَسُ) جو تعداد ٻارهن هزار هيو۔ جڏهن حضرتِ سيدُنا موسيٰ عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ”قومِ جبارين“ سان جھاد ڪرڻ لاءِ بني اسرائيل جي لشڪر کي ساڻ وٺي روانا ٿيا ته بلعم بن باعورا جي قوم سندس وٽ گھٻرائيندي آئي ۽ انهن چيو ته حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلَام تمام وڏو ۽ نهايت طاقتور لشڪر وٺي اسان تي حملو ڪرڻ وارا آهن، اهي هي چاهين ٿا ته اسان کي اسان جي زمينن مان ڪڍي اها زمين پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ڏين۔ انهيءَ ڪري (معاذالله) اوهان حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلَام جي لاءِ اهڙي بددعا ڪريو جو اهي شڪست کائي واپس موٽي وڃن، اوهان جيئن ته مستجاب الدعوات آهيو (يعني اوهان جي هر دعا قبول ٿيندي آهي)، انهيءَ ڪري اوهان جي دعا ضرور قبول ٿيندي۔ اهو ٻڌي بَلۡعَمۡ بِن بَاعُوۡرَاء ڏڪي پيو، ۽ چوڻ لڳو ته توهان جو برو ٿئي، رب جي پناھ! حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلَام الله جا رسول آهن ۽ سندن لشڪر ۾ مؤمنن ۽ ملائڪن جي جماعت آهي ان تي ڀلا مان ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح بددعا ڪري سگهان ٿو؟ پر ان جي قوم روئي ٻاڏائي اهڙي طرح اصرار ڪيو جو هن اهو چيو ته استخارو ڪرڻ کان پوءِ مون کي اجازت ملي ته بددعا ڪندس، جڏهن استخاري ۾ هن کي بددعا جي اجازت نه ملي ته هن صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن مون بددعا ڪئي ته منهنجي دنيا و آخرت ٻئي