Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

برباد ٿي وينديون۔ ان کان پوءِ قوم ڪافي قيمتي تحفا سوکڙيون هن جي خدمت ۾ پيش ڪري بددعا لاءِ گھڻو زور ڀريو، ايستائين جو بلعم بن باعورا تي حرص ۽ لالچ جو ڀوت سوار ٿي ويو ۽ مال جي ڄار ۾ ڦاسي انهن جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پيو، ۽ پنهنجي گڏھ تي سوار ٿي بددعا جي لاءِ نڪتو، رستي ۾ هر هر گڏھ بيهي رهندي هئي ۽ منهن موڙي ڀڄڻ چاهيندي هئي پر اهو هن کي ماري ماري اڳتي وڌائيندو رهيو، ايستائين جو گڏھ کي الله تعاليٰ ڳالهائڻ جي سگھ ڏني ۽ ان چيو ته افسوس: اي بَلۡعَمۡ بِن بَاعُوۡرَاء! تون ڪٿي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟ ڏس! منهنجي اڳيان ملائڪ آهن جيڪي منهنجو رستو روڪي منهنجو منهن موڙي مون کي پوئتي ڌڪي رهيا آهن۔ اي بَلۡعَمۡ! تنهنجو برو ٿي، ڇا تون الله جي نبي ۽ مؤمنن جي جماعت تي بددعا ڪندين؟ پر بلعم بن باعورا جي اکين تي لالچ جي پٽي ٻڌل هئي، گڏھ جي خبروار ڪرڻ جي باوجود به واپس نه موٽيو، ۽ ”حُسبان“ نالي جبل تي چڙهي بلندي تان حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلَام جي لشڪرن کي غور سان ڏسي بددعا شروع ڪئي پر الله جو شان  ڏسو ته اهو بددعا ته حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلَام جي لاءِ ڪندو هو پر هن جي زبان مان سندس قوم جي لاءِ بددعا جاري ٿيندي هئي. اهو ڏسي ڪيئي ڀيرا سندس قوم هن کي ٽوڪيو ته اي بلعم! تون ته الٽو بددعا پيو ڪرين۔ ته چوڻ لڳو؛ اي منهنجي قوم! مان ڇا ڪيان مان چوان ٻيو ٿو پر منهنجي زبان مان نڪري ڪجھ ٻيو پيو! پوءِ اوچتو ان تي غضبِ الهي نازل ٿيو جو اوچتو ان جي زبان لٽڪي ان جي سيني تي اچي وئي۔ ان وقت بَلۡعَمۡ بِن بَاعُوۡرَاء پنهنجي قوم کي روئي چيو: افسوس منهنجي دنيا ۽ آخرت ٻئي برباد ٿي ويا، منهنجو ايمان هليو ويو ۽ آئون الله جي ڏمر ۽ عذاب ۾ گرفتار ٿيس، هاڻ منهنجي ڪا به دعا قبول نه ٿي سگھندي۔ ([1])

ڈر لگتا ہے ایماں کہیں ہو جائے نہ برباد                                                                                                                                         سرکار بُرے خاتمے سے مجھ کو بچانا


 

 



[1]   تفسیر صاوی،پ۹،الاعراف،تحت الآیۃ:۵۷۱،۲/۷۲۷ملخصًّا