Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

وَ لَوْ شِئْنَا لَرَفَعْنٰهُ بِهَا وَ لٰكِنَّهٗۤ اَخْلَدَ اِلَى الْاَرْضِ وَ اتَّبَعَ هَوٰىهُۚ-فَمَثَلُهٗ كَمَثَلِ الْكَلْبِۚ-اِنْ تَحْمِلْ عَلَیْهِ یَلْهَثْ اَوْ تَتْرُكْهُ یَلْهَثْؕ- (پ۹،الاعراف:۱۷۶)

۽ اسان گھرون ها ته آيتن جي سبب اُن کي مٿي ڪريون ها مگر اُهو ته زمين کي پڪڙي بيٺو ۽ پنهنجي خواهش جو تابع ٿيو پوءِ اُن جو حال ڪتي وانگر آهي جيڪڏهن تون اُن تي حملو ڪرين ته زبان ٻاهر ڪڍي ۽ ان کي ڇڏين ته به زبان ٻاهر ڪڍي

لالچ ۽ نفساني خواهش ڦاسائي ڇڏيو

                                                پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت ۾ بَلۡعَمۡ بِن بَاعُوۡرَاء جو حال بيان ٿيو، اهو شخص فضل و ڪمال جي ان مرتبي تي پهتل هو جو اڳوڻن ڪتابن جو عالم هو، الله پاڪ جو اسمِ اعظم ان کي معلوم هو، جيڪا دعا گھرندو هو اها قبول ٿيندي هئي، پنهنجي جڳھ تي ويهي عرش کي ڏسي وٺندو هو، ٻارهن هزار شاگرد ان جي درس ۾ شريڪ ٿي ان جون ڳالهيون لکندا هئا۔ ([1])

           فضل و ڪمال جو ايترو وڏو رتبو ماڻڻ وارو شخص جڏهن پنهنجي نفساني خواهش جي پيروي ڪرڻ لڳو، دنيا جو مال ۽ ان جي نعمتن جو خواهش مند ٿيو، آخرت ۽ اتي جي نعمتن کي ڇڏي ڏنو، نيٺ جيڪو ڪجھ ان کي عطا ٿيو سڀئي کسجي ويو، ان جو ايمان برباد ٿي ويو ۽ دنيا و آخرت ۾ ناڪام ۽ نقصان کڻڻ وارو ٿي ويو۔([2])

ياد رهي ته مال ۽ مرتبي جو حرص دين جي لاءِ انتهائي نقصان دِه آهي جڏهن ته سٺي نيت سان ورتل مال ۾ الله پاڪ برڪت به عطا ڪندو آهي جيئن ته

حضرت حَڪيم بن حِزَام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”رسولِ اڪرم، نبي محترم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي ارشاد فرمايو: ”اي حڪيم! اهو مال تروتازه ۽ مٺو آهي، جيڪو ان کي چڱي نيت سان وٺي ته ان کي ان مال ۾ برڪت ڏني ويندي آهي ۽


 

 



[1]   صاوی، الاعراف، تحت الآیۃ: ۱۷۵، ۲ / ۷۲۷

[2]   خازن، الاعراف، تحت الآیۃ: ۱۷۶، ۲ / ۱۶۰