Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

جيڪو ان کي قلبي لالچ سان وٺندو ته ان کي ان مال ۾ برڪت ناهي ڏني ويندي ۽ هو ان شخص وانگر ٿي ويندو آهي جيڪو کائي پر پيٽ نه ڀري ۽ (ياد رکو) مٿي وارو هٿ هيٺ واري هٿ کان بهتر آهي۔([1])

حِرصِ دنیا نکال دے دل سے                                                                                                                                                          بس رہوں طالبِ رضا یارب([2])

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

لالچ ڇا کي چئبو آهي؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عام طور تي اهو ئي سمجھيو ويندو آهي ته لالچ جو تعلق صرف مال و دولت سان آهي جڏهن ته ائين نه آهي ڇوته لالچ  ته ڪنهن شيء جي گهڻي خواهش ڪرڻ جو نالو آهي ۽ اها شيء ڪجھ به ٿي سگھي ٿي چاهي اهو مال هجي يا ڪجھ ٻيو۔ حضرتِ علامه عبدالمُصطَفٰي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: لالچ ۽ حِرص جو جذبو خوراڪ، لباس، مڪان، سامان، دولت، عزت، شهرت مطلب ته هر نعمت ۾ ٿيندو آهي۔([3])

سيپاري 5 سوره نساء جي آيت نمبر 128 ۾ ارشاد آهي:

وَ اُحْضِرَتِ الْاَنْفُسُ الشُّحَّؕ- (پ۵،النساء: ۱۲۸)

۽ دليون لالچ جي ڦندي ۾ آهن

تفسيرِ خازن ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: ’’لالچ دل جو لازمي حصو آهي ڇوته اها اهڙي طرح بڻائي وئي آهي۔ اولادِ آدم ۾ حرص لالچ ۽ حسد اهي ٽي شيون رکيون ويون آهن ۽ قيامت تائين رهنديون.([4]) انهن ٽنهي شين يا


 

 



[1]   بخاری، کتاب الرقاق، باب قول النبی صلی اللہ علیہ وسلم: ہذا المال خضرۃ حلوۃ، ۴ / ۲۳۰، الحدیث: ۶۴۴۱

[2]   وسائل بخشش(مُرمَّم)،ص۸۱

[3]   جنتی زیور،ص۱۱۱ملخصًا

[4]   المستطرف فی کل فن مستظرف، الباب العاشر: فی التوکل...الخ، ص ١١٢