Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

ڪنهن هڪ مان ڪاميابي ان کي ئي ملندي آهي جنهن کي الله پاڪ توفيق ڏئي۔

قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد آهي :

وَ مَنْ یُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَۚ(۹)  (پ۲۸،الحشر:۹)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ جيڪو پنهنجي نفس جي لالچ کان بچايو ويو پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن.

تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان  لکيل آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو ته جن انسانن جي نفس کي لالچ کان پاڪ ڪيو ويو اهي حقيقي طور تي ڪامياب آهن ۽ اها به خبر پئي ته نفس جي لالچ جهڙي بُري عادت کان بچڻ گھڻو مشڪل آهي، جنهن تي الله پاڪ جي خاص رحمت هجي ته اهو ئي ان عادت کان بچي سگھي ٿو۔ اها عادت ڪيتري قدر نقصان دِه آهي ان جو اندازو هن حديث مبارڪ مان لڳائي سگھجي ٿو، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو”ظلم ڪرڻ کان ڊڄو ڇوته ظلم قيامت جو انڌيرو آهي ۽ نفس جي لالچ کان بچو ڇوته هن لالچ توهان کان پهريان وارين اُمتن کي هلاڪ ڪيو جو لالچ انهن کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ حرام ڪم ڪرڻ تي اُڀاريو۔([1]) ۽ ان کان بچڻ ڪيتري قدر فائديمند آهي، هن جو اندازو هن روايت مان لڳائي سگھجي ٿو ته حضرت عبدالرحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيتُ الله شريف جو طواف ڪندي صرف اها ئي دعا گھرندا رهيا: اي الله! مون کي منهنجي نفس جي لالچ کان بچاءِ۔ جڏهن سندن کان ان بابت سوال ڪيو ويو ته انهن فرمايو: جڏهن مون کي منهنجي نفس جي لالچ کان محفوظ رکيو ويو ته نه مان چوري ڪندس، نه بدڪاري ڪندس ۽ نه ئي مون هن قسم جو ڪو ڪم ڪيو آهي۔ ([2])

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ماڻهن جون لالچ جي حوالي سان مختلف حالتون


 

 



[1]   مسلم، کتاب البر والصلۃ والآداب، باب تحریم الظلم، ص۱۳۹۴، الحدیث: ۵۶(۲۵۷۸)

[2]   تفسیر طبری، الحشر، تحت الآیۃ: ۹، ۱۲ / ۴۲