Achi Aur Buri Lalach

Book Name:Achi Aur Buri Lalach

آهن، ڪوئي مال جو حريص آهي ته ڪو جاگير و جائيداد جي حرص پنهنجي اندر رکيل آهي، ڪنهن کي گناهن جي حرص انڌو ڪري ڇڏيو آهي ته ڪو حُبِّ جاه (يعني شهرت جي خواهش) جي حرص ۾ مبتلا آهي۔ جتي ان بُرن ڪمن جا حريص ڏٺا ويا آهن، اتي الله پاڪ جا اهڙا ٻانها به موجود آهن جن جون دليون نيڪين جي حرص سان ڀريل آهن، جن کي اُمت جي خيرخواهي جو حرص بيقرار رکندو آهي ۽ اهي ڏينهن رات سنت جي خدمت ۽ امت جي رهنمائي ۾ ڏينهن رات هڪ ڪيو ويٺا آهن، اڄوڪي دور ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن پاڪيزه ماڻهن ۾ اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذاتِ مبارڪه به آهي جن جي دل دُنياوي لالچ کان پاڪ آهي، پاڻ نه صرف خود نيڪين جا حريص آهن بلڪ ٻين کي به نيڪين جو حريص بنائڻ وارا آهن، امت جي خيرخواهي ۽ نيڪين جو ايترو حرص آهي جو چئي سگھجي ٿو ته سندن جو ڪو ڪم نيڪي ۽ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکايل اُمّت جي خيرخواهي کان خالي ناهي۔ سندن عمر رسيده هئڻ به کين جي نيڪين جي حرص ۾ رڪاوٽ ناهي بلڪ پاڻ هن عمر ۾ به مدني چينل تي دِين جي خدمت ۽ ڪتاب ۽ رسالن جي تصنيف ۾ مصروف رهن ٿا ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي ماڻهن کي نيڪي ڏانهن توجھ ڏياري رهيا آهن۔ الله پاڪ اسان کي به ان جي نيڪ سيرتِ پاڪ جي ان نيڪ عادتن مان حصو عطا فرمائي ۽ انهن جي علم و عمل ۽ عمر ۾ برڪت عطا فرمائي۔ آمين۔

لالچ جا قسم

پيارا اسلامي ڀائرو! انسان ۾ جن شين جو حرص هوندو آهي، انهن مان ڪجھ شيون ثواب جو سبب هونديون آهن ته ڪجھ عذاب جو سبب ۽ ڪجھ رڳو جائز هونديون آهن، جن تي ڪو ثواب ۽ عذاب يا پڪڙ ناهي۔ پر اهي ئي جائز ڪم جيڪڏهن ڪو سٺي نيت سان ڪري ته اهو ثواب جو حقدار ۽ جيڪڏهن بُري اِرادي سان ڪري ته عذابِ نار جو حقدار ٿي ويندو آهي۔