Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

یہ  سائلوں  کو  کچھ  ایسا  نہال  کرتے  ہیں                                                                                                                                                        نہ  پھر کبھی  وہ کسی  سے سوال کرتے ہیں

وہ  لطف  عام  ہے  سرکار  کا  غلاموں  پر                                                                                                                                                    ہر  اک سمجھتا ہے  میرا  خیال  کرتے  ہیں [1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هن ڪرامت مان خبر پئي ته هر مريد کي پنهنجي پير سان سچي محبت و عقيدت رکڻ گھرجي ڇوته بزرگانِ دين فرمائن ٿا ته ڪامل پير مريد جي لاءِ الله پاڪ جي رحمت آهي، بلڪ اهو ان تي الله پاڪ جو فضل به آهي، لهٰذا هڪ مريد پنهنجي پير سان جيتري قدر برڪتون حاصل ڪري سگھي ٿو اهي پنهنجي جڳھ، پر پير جي ذات ان سڀني برڪتن کان وڌيڪ مُريد جي لاءِ خير و برڪت واري هوندي آهي۔ ان ڪري مُريد کي گھرجي ته ڪڏهن به پنهنجي پير کان جُدا نه ٿئي۔

امام شعراني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمائن ٿا ته مريد تي لازم آهي ته هو پنهنجي دل کي مرشد سان هميشه مضبوط رکي ۽ هميشه تابعداري ڪندو رهي ۽ هميشه اعتقاد رکي ته پنهنجي تمام امداد جو دروازو صرف ان جي مرشد کي ئي بڻايو آهي (يعني جيڪو ملندو مرشد جي در تان ئي ملندو) ۽ مريد کي مدد ۽ فيض مرشد جي واسطي جي بغير ناهي پهچندو. جيتوڻيڪ تمام دنيا مشائخ عظام سان ڀريل آهي. پر هي قاعدو ان لاءِ آهي جو مريد پنهنجي مرشد کان علاوه ٻين سڀني کان پنهنجي توجهه هٽائي ڇڏي . ڇو ته ان جي امانت صرف ان جي مرشد وٽ هوندي آهي، ڪنهن غير وٽ ناهي هوندي.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه هن پُرفِتن دور ۾ امير اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت عَلّامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ذات اسان جي لاءِ تمام وڏي نِعمَت آهي، جيڪو سندن مُريد ٿيندو آهي، پاڻ ان کي غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي دامنِ ڪرم سان وابسته ڪندا آهن۔ سندن دامن سان لکين ماڻهو وابسته آهن جن مان ڪيئي اهڙا مُريد آهن جن کي امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي دامن سان وابستگي جون حيرت انگيز بَرَڪتون حاصل ٿيون۔ انهن کي نه صرف وقتِ موت ڪلمو پاڪ نصيب ٿيو بلڪ جن خوش نصيبن جون قبرون وڏي عرصي کان پوءِ ڪنهن شرعي عذر جي ڪري کوليون ويون ته انهن جا نه صرف جسم ۽ ڪفن سلامت هئا بلڪ اَلْحَمْدُ لله انهن جي قبرن مان خوشبو اچي رهي هئي۔ اوهان به جيڪڏهن ڪنهن جا مريد نه آهيو ته شَيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ذريعي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي مُريدن ۾ شامِل ٿي وڃو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بلڪه تمام اَولِياءُ الله سان سچّي مَحبَّت و عَقِيدت رکڻ جي تَوفِيق عطا فرمائي۔ 

صاحب مزار سان بالمشافه ملاقات ڪئي

هڪ ڀيري اعلي حضرت امام اهلسنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پيلي ڀيت ويا۔ حضرت مولانا شاھ وصي احمد صاحب محدث سورتي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي گھر قيام فرمايائون۔

 



[1]... باغِ فردوس المعروف گلزار رضوی، ایوب علی رضوی،ص۴۰، رضوی کتب خانہ،بریلی شریف