Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه محدث سُورتي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي فرمايو ته اسان کي بشارت ٿي آهي ته شاھ ڪليم الله ولي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي مزار تي وڃڻو آهي۔ اهو اسان کي فرمائي ٿو، اسان جي مزار تي اچو۔ لهٰذا اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سان گڏ محدث سورتي صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ۽ ٻين شاگرد سڳورن سان گڏ انهن جي مزار تي تشريف کڻي ويا۔ جڏهن اتي پهتا ته ڏٺائون ته مزار شريف جا دروازا کليل آهن ۽ چائنٺ جي وچ ۾ هڪ نانگ ليٽيل آهي۔ اعلي حضرت مزار جي ويجھو پهتا ته اهو نانگ اندر هليو ويو۔

اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه به اندر ويا۔ محدث سورتي ۽ شاگرد به مزار جي اندر وڃڻ چاهن پيا، پر مزار شريف جا دروازا اوچتو خود بخود ئي بند ٿي ويا۔ محدث سورتي صاحب ۽ شاگرد ٻاهر هئا، اعليٰ حضرت ۽ نانگ اندر هئا۔ ٻاهر محدث صاحب ۽ ٻيا شاگرد هن واقعي کي ڏسي پريشان ٿي ويا ته ڪٿي نانگ ڏنگي نه وجھي۔ اٽڪل ٻن ڪلاڪن کان پوءِ مزار شريف جو دروازو کليو ۽ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه خوشي خوشي ٻاهر نڪري فرمايو هاڻي اهو نانگ نظر نه ايندو۔ فرمايائون ته هي صاحبِ مزار نقشبندي سلسلي سان وابسته آهن ۽ هن شهر (پيلي ڀيت) جا ”سلطان الاولياء“ آهن۔ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن فرمايو ته صاحب مزار هن فقير سان بالمشافه ملاقات ڪئي ۽ گفتگو فرمائي۔

هن ڪرامت کي ڏسي سلطان الواعظين مولانا شاھ عبدالاحد صاحب، مولانا شاھ حبيب الرحمٰن صاحب ۽ مولانا شاھ ابو سراج عبد الحق صاحب ان مزار تي ئي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سان بيعت ٿيا۔ جڏهن کان اهو واقعو ٿيو تڏهن اتي اهو نانگ وري نظر نه آيو ۽ ماڻهو مزار شريف تي حاضري ڏيڻ لڳا۔[1]

وَلِي الله جي خوشبو

سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اهڙي طرح هڪ ٻي بزرگ سان به ان جي مزار تي وڃي ملاقات فرمائي، اچو اهو به ٻڌون ٿا:

تجلياتِ امام احمد رضا ۾ آهي: غالباً 1320 جو واقعو آهي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بَيسل پور ۾ مولاناعرفان علي صاحب جي گھر تشريف فرما ٿيا، ۽ ان کي فرمايائون: هن بستي ۾ ڪنهن ولي الله جو مزار شريف آهي؟ عرض ڪيو ويو: هتي ته ڪنهن مشهور ولي الله جي مزار منهنجي نظر ۾ نه آهي۔ فرمايائون: مون کي ولي الله جي خوشبو اچي رهي آهي، مان انهن جي مزار تي فاتحه پڙھڻ ويندس، تڏهن مولانا عرفان علي صاحب عرض ڪيو: هن ڳوٺ جي بلڪل ڪناري تي هڪ قبر آهي، جهنگلي علائقو آهي، هڪ ڪوٺي ٺهيل آهي، انهيء ۾ قبر شريف آهي۔ فرمايائون: هلو! پوءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان گُمنام مزار ڏانهن تشريف وٺي ويا، پاڻ ان ڪوٺڙي جي اندر وڃي دروازو بند ڪري ورتو ۽ تقريباً مُنو ڪلاڪ (45 منٽ) اندر ئي رهيا۔ سوين ماڻهن جو ميڙ هو۔ اکين ڏٺي شاهدن، خصوصاً مولانا عرفان علي صاحب جو بيان آهي ته ائين معلوم پئي ٿيو ته ڄڻ ٻه شخص پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ٻاهر تشريف وٺي آيا ته چهري مبارڪ تي جلال هو، رعب دار آواز



[1]... فیضان اعلیٰ حضرت ، ص 379،بحوالہ تجلیات امام احمد رضا،ص 53 ملخصاً