Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

۾ فرمايائون بيسل پور وارؤ! توهان اڃان تائين اونداهي ۾ هئا، هي الله جا زبردست ولي آهن۔ اسلام جا غازي آهن، سهروردي سلسلي سان تعلق آهي، انصار قبيلو آهي، غازي ڪمال شاھ انهن جو نالو آهي، توهان تي لازم آهي ته انهن کان فيض حاصل ڪندا رهو ۽ انهن جي مزار شريف کي عمده طور تي تعمير ڪيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو اهو فرمائڻ هو ته انهيء وقت ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ ان ولي الله جي بارگاھ مان ماڻهو فيض ماڻڻ لڳا، هاڻي هو ويران جھنگ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ گلزار بڻجي ويو۔[1]

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! منهنجي آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي شانِ عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پنهنجي زماني جي ولين جا سلطان سندن زيارت جي پاڻ خواهش جو اظهار ڪن۔ سندن رتبي جو عالم ڇا هوندو؟ يقيناً پاڻ وقت جا مجدّد هئا جو ان وقت جا اولياء برڪتون حاصل ڪندا آهن۔

جنہیں  آج  حاصل  ہے  فخرِ  غلامی                                                                                                                                                                  لگاتے  ہیں  نعرہ  ہمارا  رضا ہے

عجم  ہی  نہیں  بلکہ  سارے  عرب  میں                                                                                                                                                 ہوا  جس  کا  شُہرہ  ہمارا  رضا ہے[2]

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي مزارن جو احترام هر مسلمان تي لازم آهي۔ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ٻنهي جھانن جي داتا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏيندا هئا۔ تابعينِ عُظام صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مزارات تي حاضر ٿيندا هئا ۽ تبعِ تابعين، تابعينِ ڪرام جي مزارن تي حاضر ٿي فيض حاصل ڪندا هئا۔ اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”قبر وارن جون 25 حڪايتون“ ۾ مزارات تي حاضري جا آداب به بيان ڪيا آهن، اچو! انهن مان ڪجھ آداب ٻڌون ٿا:

مزارات تي حاضِري جو طريقو

 اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم جي مزاراتِ طيبات تي حاضِر ٿيڻ لاءِ پيراندي واري پاسي کان وڃڻ ۽ گھٽ مان گھٽ چار هٿ جي فاصِلي تي چهري جي سامهون بيهي ۽ وچٿري آواز ۾ هن طرح سلام عرض ڪري:  اَلسّلَامُ عَلَیْکَ یَاسَیِّدِیْ وَرَحمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہ، پوءِ دُرُودِ غوثيه 3 ڀيرا، اَلْحمد شريف (سورهٔ فاتحه) 1 ڀيرو، آيةُ الڪرسي 1 ڀيرو، سُورَهٔ اِخلاص 7 ڀيرا، پوءِ دُرودِ غوثيه“  (اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا وَ مَوْلَا نَا مُحَمَّدٍ مَّعْدِنِ الْجُوْدِوَالْکَرَمِ وَاٰلِہٖ وَبَارِکْ وَسَلِّمْ۔)  7 ڀيرا ۽ وَقت هجي ته سُورَه ياسين ۽ سوره مُلڪ به پڙھي الله پاڪ کان دُعا ڪري ته الٰهي! هن قِراءَ ت تي مون کي ايترو ثواب ڏي جيڪو تنهنجي ڪرم جي لائق آهي، نه ايترو جو منهنجي عمل جي قابل آهي ۽ ان کي منهنجي طرفان هن مقبول ٻانهي کي نَذر پهچاء۔ پوءِ پنهنجو جيڪو مطلب جائز شرعي هجي ان جي لاءِ دُعا ڪري ۽ صاحبِ مزار جي رُوح کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجو وسيلو قرار ڏي، پوءِ انهيء طرح سلام ڪري واپس اچي۔ مزار شريف يا قبر جي زيارت لاءِ ويندي واٽ تي فضول ڳالهين ۾ مشغول نه ٿيو.



[1]... تجلیاتِ امام احمد رضا،ص99

[2]... باغِ فردوس المعروف گلزار رضوی، ایوب علی رضوی،ص۲۵، رضوی کتب خانہ،بریلی شریف