Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

(ايضاً) قَبر کي نه چمو نه ئي قَبر کي هٿ لڳايو، (فتاوٰي رضويه مخرّجه،۹/۵۲۲، ۵۲۶) بلڪ قَبر کان ڪجھ فاصلي تي بيهي رهو ياد رکو! تعظيم جي نيت سان قَبر جو طواف ڪرڻ حرام آهي۔[1]۽ قَبر کي تعظيمي سجدو ڪرڻ حرام آهي ۽ جيڪڏهن عبادت جي نيت هجي ته ڪفر آهي.[2]

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”بعد فجر مَدَني حلقه“

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بزرگانِ دين جون برڪتون حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو اهو به آهي ته انهن جي سيرت جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ انهن جي سيرت کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي۔ اهڙي طرح اولياءِ ڪرام جا کوڙ  وصف ۽ معاملا اهڙا آهن جيڪي سڀني کي اپنائڻ گھرجن، انهن مان هڪ وصف تلاوتِ قرآن به آهي ڇوته اهي الله پاڪ جا دوست الله پاڪ جي ڪلام سان وڏي محبت ڪندا هئا، انهن مان بي شمار اهڙا به آهن جيڪي هر رات هڪ قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا۔ اچو! اسان به نيت ڪريون ٿا ته روزانو گھٽ مان گھٽ 3 آيتون، ترجمي ۽ تفسير سان گڏ صراط الجنان جو مطالعو ڪنداسين ۽ قرآنِ پاڪ جي تعليمات تي نه صرف پاڻ عمل ڪنداسين بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ترغيب ڏيارينداسين۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”بعدِ فجر مدني حلقو“ به آهي۔ جنهن ۾ فجر جي نماز کان پوءِ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ڪيئي مسجدن ۾ روزانو (3) آيتن جي تلاوت مع ترجَمو ڪنزالايمان ۽ تفسير خزائنُ العرفان، تفسير نُورالعرفان يا تفسير صِرَاطُ الجِنَان، گهٽ مان گهٽ ٻه صفحات درسِ فيضانِ سُنَّت، منظوم شجره  قادِريه رَضَويه عطاريه پڙھڻ ۽ ٻڌڻ جو معمول هوندو آهي۔

*  اَلْحَمْدُ لِلّٰه مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مسجِد ۾ ويهڻ جو ثَواب حاصِل ٿيندو آهي، *  فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان تِلاوتِ قُرآن ڪرڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي، *  فجر کان پوءِ مَدَني حلقو قُرآنِ ڪريم جو ترجمو ۽ تفسير سان سمجھڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، *  فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل ٿي ويندو آهي، *  فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان اِشراق و چاشت جا نفل پڙھڻ جو موقعو ملندو آهي، *  فجر کان پوءِ مَدَني حلقي ۾ بُزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيهم اَجْمَعِين  جي ذِڪرِ خَير تي مُشتَمِل شَجَرو شريف پڙھڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي ۽ بُزرگانِ رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذڪرِ خَير تي مُشْتَمِل هن مُبارَڪ شَجَري جي بَرَڪت سان ڪيئي عاشِقانِ رسول جون دعائون قبول ٿين ٿيون، مصيبتن ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي ۽ رُڪيل ڪم بڻجي ويندا آهن۔ اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو۔

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم هو۔ ان کي هڪ ڀيرو پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ ان ويزائن جي لاءِ بار بار درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري ان کي ڪافي نقصان



[1]... بہارِشریعت ، ۱/۸۵۰

[2]... ماخوذ از فتاوٰی رضویہ، ۲۲/۴۲۳