Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

مريد بڻجي ويا۔[1]

دشمن  اگرچِہ  گھات  میں   ہے  کوئی  غم  نہیں                                                                 ان  کی  مدد  رہے  تو  بِگاڑ  اپنا  کیا  سکے[2]

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

هوش ۾ اچي ويا

سيد ايوب علي رضوي صاحب جو بيان آهي ته هڪ مسلمان ڊاڪٽر جي پوڙھي والده صدر جي علائقي مان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيون ۽ روئي عرض ڪرڻ لڳيون! منهنجو هڪ ئي پٽ آهي جنهن کي بخار جي شدت آهي ۽ ٻن ڏينهن کان بيهوش آهي، سائين! جيڪڏهن تڪليف فرمايو ۽ منهنجي گھر تشريف وٺي اچو ته وڏو ڪرم ٿيندو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان پوڙهيءَ ماءُ جي درخواست قبول ڪئي ۽ عصر کان پوءِ اچڻ جو واعدو ڪيو، مقرر وقت تي ڊاڪٽر صاحب جي ڪار آئي ۽ اعليٰ حضرت، حاجي ڪفايت الله ۽ منهنجي ڀاءُ قناعت علي ۽ مون کي ساڻ ورتو، مولانا حسنين رضا خان به خواهش جو اظهار ڪيو ته انهن کي به ساڻ ڪري پوڙھي جي گھر پهتا۔ ڏٺائون ته واقعي ڊاڪٽر صاحب تي بيهوشي طاري هئي۔ اعليٰ حضرت اتي ئي هڪ تعويز لکي ساڄي ٻانهن تي ٻڌي گھڙي سامهون رکي ڇڏي، ۽ کٽ جي ويجھو ڪرسي تي ويهي رهيا۔ تقريباً اڌ ڪلاڪ جو وقت گذريو ته ڊاڪٽر صاحب اکيون کولي ورتيون ۽ بخار لهي ويو۔ اعليٰ حضرت پوڙھي ماءُ کي فرمايو ته جيڪڏهن اُڃ لڳي ته ڦودنو، الائچي ڳاڙهي پاڻي ۾ وجھي جوش ڏئي ٿڌو ڪري پوءِ پيئاريو وڃي،اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  مغرب کان پوءِ آيا، صبح جو اطلاع ملي ته بک جي شدت آهي، فرمايائون مُڱن جي دال جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڏينهن ۾ جيڪا ڪيفيت ٿئي شام ۾ مون کي بيان ڪئي وڃي پر الله جو فضل ڏسو ته عصر جي وقت بدران اطلاع جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب پاڻ حاضر ٿيا۔ اسان سڀئي حيران ٿياسين ته ڪالھ شام تائين ته انهن جي حالت اها هئي جو ڪمزوري جي ڪري پاسو ورائڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي هئي  ۽ اڄ هتي اچي ويا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حال احوال معلوم ڪيو، ڊاڪٽر صاحب هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته سائين بلڪل ٺيڪ آهيان، پر بک بيتاب ڪري ڇڏيو آهي مُڱن جي دال جو پاڻي منهنجو پسنديده آهي جيڪڏهن اجازت ڏيو ته ان جو شوربو به پئي وٺان۔ فرمايائون شوربو تيار ڪرائي وٺو۔ ڊاڪٽر صاحب دست بوسي ڪئي ۽ واپس هليا ويا۔ (حیاتِ اعلیٰ حضرت، ج۳،ص۲۳۰،کشمیر انٹرنیشنل پبلیشرز لاہور۔تغیراً)

بيعت بابت ڪجھ اهم مدني گل

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي بيعت بابت ڪجھ اهم مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا: *  دنيا ۾ ڪنهن صالح کي پنهنجو امام بنائڻ گھرجي، شَرِيعَت ۾ تقليد ڪري ۽ طريقت ۾ بَيعَت ڪري ته جيئن حَشر چڱن سان گڏ ٿئي۔ (آدابِ مرشد ڪامل،ص۱۳) *  ايمان جي حفاظت جو هڪ ذريعو ڪنهن مرشِد ڪامل سان مُريد ٿيڻ به آهي۔ (آداب



[1]   حیات اعلی حضرت ،ج۳،ص۲۳۶، ملخصاً

[2]   وسائل بخشش مرمم،ص۴۱۲