Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

*  نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس *  ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس *  ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس *  ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس *  صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس *  بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي؛ ڪراماتِ اعليٰ حضرت جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين، ڪرامت ڇا کي چئبو آهي؟ وَلِيُّ الله جي خوشبو، صاحبِ مزار سان بِالمُشافه ملاقات ڪئي، ٻڏندڙ کي ڪيئن بچايائون، نانگ جو زهر ڪيئن بي اثر ٿيو، غير مسلم جادوگر جو اسلام قبول ڪرڻ ۽ ان کان علاوه کوڙ اهم مفيد ڳالهيون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

ٻڏڻ کان بچائي ورتائون

صدرالشريعه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بارگاھ مان حديثِ پاڪ جو درس وٺندا هئاسين، هڪ ڏينهن اسان درسِ حديث شريف پڙھي رهيا هئاسين، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  يڪدم اتان ٻاهر نڪتا ۽ 15 منٽ کان پوءِ پريشاني جي ڪيفيت ۾ واپس موٽيا ته سند  جا ٻئي هٿ آستين سميت پاڻيءَ سان آلا هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ٻاهران آواز ڏئي مون کي سڏي حڪم فرمايو ته ٻيو ڪرتو کڻي اچو۔ مون ڪرتو حاضر ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪرتو پاتو ۽ اسان کي حديث جو درس ڏيڻ لڳا، پر منهنجي دل ۾ اها ڳالھ آئي سو مون اهو ڏينهن تاريخ ۽ وقت لکي ورتو۔ ٺيڪ 11 ڏينهن کان پوءِ ڪجھ ماڻهو تحفا کڻي حاضر ٿيا، جڏهن اهي ماڻهو ڪجھ ڏينهن رهي واپس موٽڻ لڳا، ته مون انهن کان حال احوال ڪيو ته ڪٿي جا رهڻ وارا آهيو؟ هن وقت ڪٿان کان اچو پيا ۽ اچڻ جو سبب ڇا آهي؟ ته انهن ماڻهن پنهنجو واقعو بيان ڪيو ته اسان فلاڻي تاريخ تي ٻيڙي ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين، تيز هوائون هلڻ لڳيون، ڇوليون وڌڻ لڳيون، خطرو پيدا ٿيو ته هاڻي ٻيڙي ڪلٽي ٿي پوندي ۽ اسان ٻڏي وينداسين، هن پريشاني جي عالم ۾ اسان سڀني اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي وسيلي سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا گھري ۽ باس باسي۔ ان کان پوءِ اسان ڏٺو ته هڪ شخص ٻيڙي جي ويجھو آيو ۽ ان اسان جي ٻيڙي کي دريا جي ڪناري پهچائي ڇڏيو ۽ اسان بخير و عافيت  سان پنهنجي گھر پهچي وياسين ۽ الله پاڪ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي وسيلي جي برڪت سان اسان کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو۔ اُنهيءَ باس کي پورو ڪرڻ ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ اسان هتي حاضر ٿيا آهيون۔ (حیات اعلی حضرت ،ج۳،ص۲۵۴ ،کشمیر انٹرنیشنل پبلیشرزلاہور،ملخصاً)

ہزاروں  کا  ملجا  ہزاروں  کا  ماویٰ        ہزاروں  کا  مولیٰ  ہمارا  رضا ہے

جو مانگو  پاؤ  گے  اے  بے  نواؤ               سخاوت  کا  دریا  ہمارا  رضا ہے[1]

 



[1]... باغِ فردوس المعروف گلزار رضوی، ایوب علی رضوی،ص۲۵، رضوی کتب خانہ،بریلی شریف