Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

مختصر وضاحت: منهنجي آقا، سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ذات مبارڪ هزارين ماڻهن جي حاجتن جي لاءِ ٺڪاڻو ۽ مددگار آهي۔ انهن جي درٻار مان جيڪو گھرنداسين اهو ملندو ڇوته سندن ذات سخاوت جو درياء آهي۔

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪرامت ڇا کي چئبو آهي؟

اي عاشقانِ رسول! اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنّت، ولي نِعمت، عظيمُ البَرَڪت، عظيمُ المَرتَبت، پروانهءِ شَمعِ رِسالت، مُجَدِّدِ دين ومِلَّت، حامي سنّت، ماحِي بِدعت، عالِمِ شَرِيعَت، پيرِ طريقت، باعثِ خَير وبَرَڪت، حضرتِ علّامه مولانا الحاج الحافِظ القاري شاھ امام اَحمد رَضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه الله پاڪ جا تمام وڏا ولي ۽ چوڏھين صدي جي هڪ عظيم علمي و روحاني شخصيت هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ٻيڙي ۾ سُوَار مسافرن جي فرياد ٻڌي انهن جي مدد ڪرڻ ۽ ٻيڙي کي ڪناري تي پهچائڻ يقيناً پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ڪرامت آهي ۽ ائين ڇو نه ٿئي جو الله پاڪ پنهنجي ولين کي اهو بلند و بالا شان عطا فرمايو آهي جو جڏهن به ڪنهن مشڪل ۾ اُنهن کي پڪاريو وڃي يا انهن جي وسيلي سان دُعا گھري وڃي ته اهي الله پاڪ جي عطا سان پنهنجي غلامن جي مشڪل ڪشائي به ڪندا آهن ۽ حاجت روائي به ڪندا آهن۔

 پيارا اسلامي ڀائرو! اولياء الله جون ڪرامتون حق آهن۔ اميرِ اهلسنت، بانِي دَعوَتِ اسلامي حضرتِ علّامه مولانا ابوبِلال محمد الياس عطّار قادِري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: نبوّت جي زماني کان وٺي اڄ تائين ڪڏهن به هن مسئلي ۾ اهلِ حق جي درميان اِختِلاف ناهي ٿيو، سڀني جو متفق عقيدو آهي ته صحابه ڪرَام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ اولياءِ عظام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم جون ڪرامتون حق آهن ۽ هر زماني ۾ الله وارن جون ڪرامتون ظاهر ٿينديون رهيون آهن ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه قيامت تائين ڪڏهن به ان جو سلسلو ختم نه ٿيندو بلڪ هميشه اَولِياءُ الله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم کان ڪرامتون واقع ۽ ظاهر ٿينديون رهنديون۔ (کراماتِ فاروقِ اعظم، ص۸) ڇوته ڪرامتن جو ذڪر ته قرآنِ پاڪ ۾ به ملي ٿو جيئن ته حضرتِ مريم رَضِىَ اللهُ عَنْها وٽ بي موسمي ميون جو اچڻ سندن ڪرامت آهي۔ قرآن پاڪ ۾ آهي۔

كُلَّمَا دَخَلَ عَلَیْهَا زَكَرِیَّا الْمِحْرَابَۙ-وَجَدَ عِنْدَهَا رِزْقًاۚ-قَالَ یٰمَرْیَمُ اَنّٰى لَكِ هٰذَاؕ-قَالَتْ هُوَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ یَرْزُقُ مَنْ یَّشَآءُ بِغَیْرِ حِسَابٍ(۳۷)

ترجموڪنزالايمان: جڏهن زڪريا اُن وٽ اُن جي نَماز پڙهڻ جِي جاءِ تي ويندو هو ته اُن وٽ نئون رزق ڏِسندو هو، چيائِين اي مريم هِي تو وٽ ڪِٿان آيو چوڻ لڳِي هِئ الله جي طرفان آهي، بيشڪ الله جِنهن کي گُهري بي حساب ڏي۔ (پ۳،اٰل عمران:۳۷)

اهڙي طرح حضرتِ مريم رَضِىَ اللهُ عَنْها جي کجور جي سڪل ٿڙ کي هلائڻ تي پڪل عمده ۽ تازه کجورن جو ڪِرڻ به سندن ڪرامت آهي۔

جيئن ته قرآنِ پاڪ ۾ آهي: