Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

وَ هُزِّیْۤ اِلَیْكِ بِجِذْعِ النَّخْلَةِ تُسٰقِطْ عَلَیْكِ رُطَبًا جَنِیًّا٘(۲۵)

ترجموڪنزالايمان: ۽کجي جي ٿڙ کي وٺي پاڻ ڏي لوڏو ڏي ته تو تي تازي پڪل کجور ڪرندي پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ اکيون ٺار۔  (پ۱۶، مريم:۲۵)

حضرت آصف بن برخيا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو گھڙي کن ۾ اک ڇنڀڻ کان پهريان يمن مان ملڪه بلقيس جو تخت شام ۾ آڻي حاضر ڪرڻ سندن ڪرامت آهي۔ جيئن ته قرآن پاڪ ۾ آهي:

قَالَ الَّذِیْ عِنْدَهٗ عِلْمٌ مِّنَ الْكِتٰبِ اَنَا اٰتِیْكَ بِهٖ قَبْلَ اَنْ یَّرْتَدَّ اِلَیْكَ طَرْفُكَؕ-فَلَمَّا رَاٰهُ مُسْتَقِرًّا عِنْدَهٗ قَالَ هٰذَا مِنْ فَضْلِ رَبِّیْ ﱎ      

ترجموڪنزالايمان: ان عرض ڪيو جنهن وٽ ڪتاب جو علم هو مان ان کي حاضر ڪندس حضور ۾ اک ڇنڀ کان اڳ، پوءِ جڏهن سُليمان تخت کي پاڻ وٽ رکيل ڏٺو چيائين هي منهنجي رب جي مهرباني آهي۔ (پ۱۹،سورۂ نمل،۴۰)

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان جتي اسان کي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي عظيم الشّان ڪرامت جي خبر پئي، اتي اها ڳالھ به معلوم ٿي ته اولياءُ الله کي پنهنجي دعائن ۾ وسيلو بنائڻ جائز آهي ڇوته ان جي تعليم الله پاڪ پاڻ پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ ارشاد فرمائي آهي، جيئن ارشاد آهي: وَابْتَغُوۡۤا اِلَیۡہِ الْوَسِیۡلَۃَ ۽ ان (يعني الله) ڏانهن وسيلو ڳوليو۔[1] ان جي علاوه حديثِ پاڪ ۾ ٻنهي جھانن جي داتا، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به وسيلو اختيار ڪرڻ جي تعليم ارشاد فرمائي ۽ صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان جو به ان تي عمل هو۔

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه، الله پاڪ جي انهن مُقَرَّب ۽ چُونڊيل نيڪ ٻانهن مان هئا جن کي ڪتاب و قلم جي سهاري ته گھڻو ڪجھ مليو ئي هو پر فيضِ ربِّ قدير سان اهو ڪجھ مليو جو جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگھجي، هي ئي اها شخصيت آهي جيڪا پيدائشي ولي الله هئا۔ *  1272 سن هجري جي 10 شوال المڪرم جو پيدا ٿيا *  مولوي صاحب قرآنِ ڪريم جي نسخي ۾ اِعراب جي غلطي جي ڪري لفظ کي غلط پڙھائن ٿا پر هي مجدّدِ ملت ان لفظ کي درست ئي پڙھن ٿا *  ساڍن ٽن سالن جي عمر ۾ هڪ عربي شيخ کان عربي ۾ ڳالھ ٻولھ ڪن ٿا *  4 سال جي عمر ۾ قرآنِ ڪريم ناظِره مڪمل پڙھي وٺندا آهن *  6 سال جي عمر ۾ مِيلادُالنبي جي موضوع تي تقرير ڪن ٿا ته مشائخِ عظام داد سان نوازين ٿا *  انهيءَ عمر ۾ بغداد جي سمت (يعني طرف) معلوم ڪيائون ته سڄي زندگي ڪڏهن ان طرف پير نه ڪيائون *  8 سال جي عمر ۾ عربي ڪتاب جي عربي ۾ شرح لکن ٿا *  صرف 13 سال  10مهينا 4 ڏينهن جي عمر ۾ تمام علوم کان فارغ ٿي ۽ انهيء ڏينهن پهرين فتويٰ به تحرير ڪن ٿا *  ڪو خط ۾ حافظ لکي ٿو



[1]... پ۶، المائدۃ: ۳۵