Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

ته ان جي حُسنِ ظنّ کي پورو ڪرڻ خاطر هڪ مهيني ۾ حفظِ قرآن مڪمل ڪن ٿا *  مڪةُ المُڪرَّمَه ۾ 8 ڪلاڪ جي مختصر وقت ۾ بغير ڪتابن جي مدد سان 400 صفحات تي مشتمل عربي زبان ۾ اهڙو عظيمُ الشّان ڪتاب لکن ٿا جو عرب شريف جا وڏا وڏا عالم سڳورا کين مختلف لقبن سان نوازين ٿا۔ *  ڪنهن امامِ عشق و محبت چيو ته ڪنهن هن صدي جو مجدّد چيو، ڪنهن تاجدارِ ولايت چيو ته ڪنهن دين و ملت جو چراغ چيو، ڪنهن انبياء و مرسلين جي علوم جو وارث چيو، ته ڪنهن تحقيق ڪرڻ وارن جو سردار چيو ته وري ڪنهن الله جي نشانين مان هڪ نشاني جو لقب عطا فرمايو۔

قربان وڃجي! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي قسمت تي ته جڏهن مديني پاڪ زادَھا الله شَرَفاً و تَعْظِيما ۾ حاضر ٿيندا آهن ته سڄاڳيءَ جي عالم ۾ جانِ ايمان، رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار سان مشرف ٿيندا آهن۔

ہزاروں سے اعلیٰ ہمارا رضا ہے                                                                                                                                                                        ہزاروں  میں یکتا ہمارا رضاہے

کوئی  ایسا پابند ِسنت بھی دیکھا                                                                                                                                                                                        بتاؤ تو جیسا ہمارا رضاہے

عجم ہی نہیں بلکہ سارے عرب میں                                                                                                                                                             ہوا جس کا شُہرہ ہمارا رضاہے

خودی کو مٹاتا خدا سے ملاتا                                                                                                                                                                                                    ہمارا رضاہے ہمارا رضاہے[1]

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

نانگ جو زهر بي اثر ڪري ڇڏيو

      اي عاشقانِ اعليٰ حضرت ! اچو اعليٰ حضرت جي هڪ ٻي ڪرامت ٻڌون ٿا۔ جيئن ته:

عاشق و خليفه اعليٰ حضرت سيد ايوب علي رضوي صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا: هڪ ڏينهن مان مغرب کان پوءِ گھر ۾ ماني کائي رهيو هيس ته منهنجو ڀاءُ قناعت علي گھٻرائيندي آيو ۽ چيائين، ادا! مون کي جلدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ وٺي هلو منهنجي پير ۾ نانگ ڏنگ هنيو آهي، مون کي چڪر اچي رهيا آهن۔ مون ڏٺو ته ان جا پير قابو ۾ نه هئا۔ مطلب ته اسان ڪِرندي ٿاٻڙجندي اعليٰ حضرت جي گھر جي ويجھو ئي پهتا هئاسين جو اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عشاء جي نماز جي لاءِ اچي رهيا هئا۔ جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ عشاء جي نماز ڪجھ دير سان ٿيندي هئي پر ان ڏينهن اول وقت ئي ۾ ئي تشريف وٺي آيا۔ مون اڳتي وڌي هٿ چميا ۽ ان واقعي جي خبر ڏني۔ جنهن جو پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تي ايتري قدر اثر ٿيو جو قناعت علي جي ويجھو هئڻ جي باوجود فرمائڻ لڳا: سيد صاحب ڪٿي آهن؟ مون اشاري سان ٻڌايو. ته پاڻ اتي ئي روڊ تي پڙهڻ جي لاءِ ويهڻ لڳا، پر قناعت علي جي چوڻ تي مسجد ۾ تشريف وٺي ويا ۽ مون کان ڏيئو گھرائي ڏٺائون ته واقعي ڏندن جو نشان هو۔ پاڻ دير تائين ڪجھ پڙھندا رهيا ۽ ان هنڌ تي پنهنجو مبارڪ هٿ ڦيرندا رهيا ۽ آخر ۾ دم ڪرڻ کان پوءِ دِلاسو ڏيندي فرمايائون: باورچي خاني ۾ ڪوئي چڪ هنيو هوندو ۽ نظر



[1]... باغِ فردوس المعروف گلزار رضوی، ایوب علی رضوی،ص۲۵، رضوی کتب خانہ،بریلی شریف