Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

اوهان جي نانگ تي پئي۔ قناعت علي عرض ڪيو، سائين! هڪ تمنا ٻي آهي۔ فرمايائون اها ڪهڙي؟ عرض ڪيائين: حضور ٿورو لعابِ دهن جيڪڏهن هن هنڌ تي لڳائي ڇڏيو ته مان بچي ويندس۔ پاڻ فرمايائون هن ۾ ڇا رکيو آهي۔ مون ته اهي دعائون جيڪي سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايون آهن، پڙھي دم ڪيون آهن، اِنْ شَآءَ الله اوهان کي ڪو نقصان نه ٿيندو۔ انھن ٻيهر عرض ڪيو: مان اوهان کي سچو نائبِ رسول سمجھان ٿو۔ سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرتِ صديق اڪبر
رَضِىَ اللهُ عَنْه جي پير تي پنهنجو لعابِ  دهن لڳايو هو۔ جيڪڏهن اوهان لعابِ دهن لڳائيندؤ ته منهنجي دل مطمئن ٿي ويندي۔ اهو ٻڌي پاڻ ڪجھ ناراضي جو اظهار ڪيو جنهن تي قناعت علي به مايوسي واري انداز ۾ خاموش ٿي ويا۔ فرمايائون توهان نٿا مڃيو، چڱو ڀلا پير ويجهو ڪيو۔ مون اڳتي وڌي لعابِ دهن وٺڻ جي لاءِ پنهنجو سڌو هٿ اڳتي ڪيو، پر سَيدي اعليٰ حضرت منهنجي هٿ کي هٽائي پاڻ پنهنجي هٿ سان لعابِ دهن لڳائيندي فرمايو: بس اوهان جيڪو چيو اهو ٿي ويو۔

قناعت علي چيو سائين! مسجد جي چارديواري کان ٻاهر هلي هٿ ڌوئو، فرمايائون، چڱو هلو!  قناعت علي ڪؤنرو ڀري کڻي آيو ۽ تيزي سان گھڻو پاڻي هٿ تي وجھڻ شروع ڪيو، سائين جن هر هر منع ڪندا رهيا، بس ڪريو اِسراف آهي پر انهن جيستائين ڪؤنري جو پاڻي ختم نه ڪيو مڙيا نه۔ ان کان پوءِ نماز ٿي ۽ سَيدي اعليٰ حضرت وظيفن کان فارغ ٿي جڏهن موٽڻ لڳا ته مون پنهنجي حماقت سان عرض ڪيو: سائين! مون ٻڌو آهي ته نانگ جي ڏنگيل کي سمهڻ نه ڏنو وڃي۔ اهو ٻڌندي ئي بيهي رهيا ۽ فرمايائون: جڏهن ڏنگيو به هجي۔ هن کي ڪُوئي چڪ هنيو آهي ۽ نانگ تي نظر پئجي وئي هوندس۔ قناعت علي کي فرمايائون اوهان بلڪل اطمينان سان آرام فرمايو ۽ صبح پنهنجي خيريت ٻڌائجو۔

مختصر اهو ته انهن سڄي رات خواب ڏٺو ته مان نانگ کي ماري رهيو آهيان، ڇوته جنهن نانگ ڏنگيو هو ان کي قناعت ئي ماريو هو۔ صبح انهن جي اک فجر جي وقت کان پهريان ئي کلي پئي ۽ اهو خيال ڪندي ته سائين کي فڪر ٿيندي، تنهنڪري ٽي چار وڳي ئي مسجد ۾ پهچي ويا ۽ سَيدي اعليٰ حضرت جو انتظار ڪندا رهيا، ايستائين جو پاڻ آيا ۽ پري کان نظر پوندي ئي چهري مبارڪ تي خوشي جا آثار نظر اچڻ لڳا۔[1]

 

لطف  و  کرم  فرمانے  والے   کب  سے  گدا  کرتے  ہیں  نالے         تُو  نے کبھی  نہیں  ٹالا  بالا  حامئ  سنت  اعلیٰ  حضرت

کس  سے  بیاں  ہوں  تیرے  مَناقِب  کس  کی سمجھ  میں  آئیں  مَراتِب       شان  ہے  تیری  اَرْفَع و اَعْلیٰ حامئِ  سُنت  اعلیٰ  حضرت[2]

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                                              صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! منهنجي آقا سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ڇا ڳالھ ڪجي پاڻ جي دم ۽ لعابِ دهن اهو ڪم ڏيکاريو جو نانگ جو زهر پنهنجو اثر نه ڏيکاري سگھيو ۽ ڏيکاري به ڪيئن ٿو سگهي جو دم وارا لفظ الله پاڪ جي آخري رسول، رسول مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا هئا ۽ لعابِ دهن نائبِ رسول جو هو۔ جيڪو پنهنجي وقت جا مُجَدِّدِ اَعظم، اِمامِ اهلِ سنت،



[1]... حیات اعلی حضرت ،ج۳،ص۱۹۸ ملخصاً

[2]... باغِ فردوس المعروف گلزار رضوی، ایوب علی رضوی،ص۲۵، رضوی کتب خانہ،بریلی شریف