Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

اِمامُ المُسلِمين، اِمامُ الُمحَدِّثِين، شانِ غوثُ الوريٰ عاشقِ خيرُالوريٰ، ڪنزُ الڪرامَت، سراپا بَرَڪت، طريقت جا شهباز، شريعت جا مُحافِظ، حقيقت جا رازدان امام احمد رضا خان هئا، جيڪي مسئلن ۾ اجتهاد جو درجو رکندا هئا ۽ پروانه شمعِ رسالت به هئا۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سڀ کان وڏي ڪرامت شريعت تي استقامت (يعني نيڪ عمل ڪرڻ ۾ هميشگي) هئي ۽ عالم سڳورن ۽ صوفي سڳورن وٽ اصل اها ئي شيء آهي ڇوته استقامت ڪرامت کان وڌيڪ آهي، ان جو سبب اهو آهي ته ڪرامت ۾ نفس جو سُرور آهي ۽ استقامت ۾ نفس کي ڪمزور ڪرڻ آهي ۽ اهو نهايت ئي اهم آهي۔ هن ئي واقعي کي وٺو ته جڏهن سيد صاحب پاڻي تمام گھڻو هارين پيا ته اعليٰ حضرت پنهنجي ٿڪ لڳائيندي نانگ جي ڏنگيل هنڌ تي هٿ لڳايو آهي ڪٿي نانگ جو زهر نه لڳي ويو هجي ۽ حضرت کي ڪو نقصان نه پهچي پر هي شريعت تي استقامت سان عمل ڪرڻ واري مجدّدِ ملت ان کي اِسراف چئي پاڻي گھٽ استعمال ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمائن ٿا ۔

۽ سندن شريعت تي استقامت ڏسو ته نمازن جو اهتمام ايتري قدر ڪندا هئا جو وقت کان پهريان ئي مسجد ۾ پهچي ويندا هئا۔ عشقِ رسول ڏسو ته حضور سيدِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي دعائون ارشاد فرمايون اهي ياد هيون ۽ ان تي يقين ايترو هو جو فرمايائون! وڃو اطمينان سان سمهي پئو ۽ صبح خيريت بابت آگاھ ڪجو، نماز کان بعد وظائف جو اهتمام ڪرڻ وارا، هڪ مسلمان جي درد کي پنهنجو درد سمجھڻ وارا، سيد زادن جو ادب ڪرڻ وارا ۽ شريعت جي معاملي ۾ انتهائي محتاط هئا۔ جڏهن ڪو اهڙو شريعت جو لحاظ رکڻ وارو هجي ۽ نفلي عبادتن تي ان جي استقامت هجي ته الله پاڪ ان کي پنهنجو قُرب عطا ڪندو آهي ۽ جن کي اها دولت ملي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو آهي، ٻڌو! حديثِ قُدسي آهي۔

بخاري شريف جي حديث سڳوري آهي ته رسول اڪرم، رحمت عالم، صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا ته الله پاڪ ارشاد فرمايو: ڪو ٻانهو منهنجي فرضن جي ادائيگي کان وڌيڪ ڪنهن ٻي شيءِ ذريعي منهنجو قرب حاصل نٿو ڪري سگھي (فرائض کان پوءِ اهو) نفل ذريعي وڌيڪ منهنجو قُرب حاصل ڪندو آهي ايستائين جو مان ان کي محبوب بڻائيندو آهيان ۽ مان ان جو ڪن ٿي ويندو آهيان جنهن سان اهو ٻڌندو آهي ۽ ان جي اک ٿي ويندو آهيان جنهن سان اهو ڏسندو آهي ۽ ان جو هٿ ٿي ويندو آهيان جنهن سان اهو پڪڙيندو آهي ۽ ان جو پير ٿي ويندو آهيان جنهن سان اهو هلندو آهي، جيڪڏهن اهو مون کان ڪجھ گھري ته مان ان کي ضرور ڏيندس ۽ جيڪڏهن اهو مون سان پناھ گھري ته مان ان کي ضرور پناھ ڏيندس۔“[1]

غور ڪريو ته جن جي باري ۾ الله پاڪ اهو فرمائي ته ان جي ڪيفيت ڇا هوندي، ڇو نه ان جي هٿن کي ڇُهي وڃڻ واري شيء مان زهر ختم ٿيندو۔

اي عاشقانِ اعليٰ حضرت! اوهان ٻڌو ته سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه شريعت جي ڪيتري پاسداري ڪرڻ وارا هئا؟ ڪيتري قدر محتاط هئا جو هٿن تي پاڻي گهڻو هارڻ کي اِسراف سمجھي ان کان منع فرمايائون۔

 



[1]... صحیح بخاری،کتاب الرقاق ،رقم ۶۵۰۲،ج۴،ص۲۴۸