Karamat e AalaHazrat

Book Name:Karamat e AalaHazrat

عبادت جو شوق ايترو جو مسجد ۾ باجماعت نماز جو اهتمام ڪندا هئا ۽ نماز کان پوءِ وظيفن تي به استقامت حاصل هئي۔ اچو! اسان به اهو پختو ارادو ڪريون ٿا ته اسان به پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ۾ ادا ڪنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـہ

میں  پانچوں  نمازیں  پڑھوں  باجماعت                                                                                          ہو  توفیق  ایسی  عطا  یاالٰہی

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

غير مسلم جادوگر اعلي حضرت جي قدمن ۾

پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي هر قول و فعل ۾ عشقِ رسول جو واضح پهلو نظر اچي ٿو۔ پاڻ هڪ جامع صفات شخصيت جا مالڪ هئا۔ جتي پاڻ پنهنجي قلم جي ذريعي اسلام جي خدمت ڪئي اتي پنهنجي عمل جي ذريعي به اسلام جي اهڙي خدمت ڪئي جو سندن هٿ تي کوڙ غير مسلمن اسلام قبول ڪيو جيئن

حضرت شاھ مانا ميان صاحب جو بيان آهي ته هڪ ڀيري اعليٰ حضرت
رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي مسجد مان نماز پڙھي اچي رهيا هئا ته محله سوداگران جي گهٽي ۾ ماڻهن جو هجوم ڏٺائون۔ اعليٰ حضرت معلوم ڪيو ته اِهو هجوم ڇا جو آهي؟ ٻڌايو ويو ته هڪ غير مسلم جادوگر پنهنجو جادو ڏيکاري رهيو آهي ۔ ٽي چار ڪلو پاڻي سان ڀريل ٿانءُ ڪچي ڌاڳي سان کڻي رهيو آهي ۔اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه به ماڻهن جي رش ڏانهن ويا ۽ جادوگر کي فرمائڻ لڳا ته اسان ٻڌو آهي ته ٽي چار ڪلو پاڻي سان ڀريل ٿانءُ ڪچي ڌاڳي سان کڻي وٺندا آهيو؟ ان چيو، جي ها۔ ارشاد فرمايائون ڪا ٻي شيءِ به کڻي سگھو ٿا؟ ان چيو اچو جيڪا شيء اوهان ڏيو کڻي سگهان ٿو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي جُتي کي پنهنجي پيرن مان لاهي فرمايائون: وٺ، هن کي کڻڻ ته رهيو پري، پنهنجي جڳھ تان هٽائي ڏيکار ته وڏي ڳالھ آهي۔ جادوگر گھڻي ڪوشش ڪئي پر اهو ان جُتي کي پنهنجي جڳھ تان هِلائي به نه سگھيو۔

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايو: ڀلا هاڻي ٿانءُ ئي کڻي ڏيکاريو۔ هاڻي جيئن ان ٿانءَ کي کڻڻ چاهيو ته ٿانءُ به نه کڻي سگھيو۔ اهو جادوگر اها ڪرامت ڏسي اعليٰ حضرت جي قدمن تي ڪري پيو ۽ ڪلمو پاڪ پڙهي مسلمان ٿي ويو ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بارگاھ مان روحانيت جي نعمت عظميٰ وٺي واپس موٽيو۔ (فیضان اعلیٰ حضرت ،ص202 بحوالہ تجلیات امام احمد رضا ،ص 77)

حضرت  ِ احمد  رضا  کارِ  نمایاں  کرگئے                                                                                                                                              غیر مسلم  جو تھے  ان  کو بھی  مسلماں  کرگئے

اللہ  اللہ  یہ  تصرف  آپ  کا  او ر یہ  کمال                                                                                                                                   خَلْق  کو  وابستہ  دامانِ  پاکاں  کرگئے

دین  کی  خدمات  کا  اللہ  نے  بخشا  شرف                                                                                                                              جو  بھی  خدمت  ہوسکی  تاحَدِّاِ مْکاں  کرگئے[1]

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً الله وارن جا انداز نرالا هوندا آهن۔ انهن جو ڪنهن هنڌ وڃڻ به



[1]... مناقبِ رضا،مرتب جمشید چشتی ،منقبت انور فیروز پوری  ،ص۱۵۳ شبیر برادرز لاہور