Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

قطعِ رحمي (يعني رشتيدارن سان ناتو ٽوڙڻ) جي باري ۾ فرمانِ مصطفٰي

رسولن جا سردار، مڪي مديني جا تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمائن ٿا: رشتيدارن سان ناتو ٽوڙڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو۔[1]

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قطعِ تعلقي دشمني پيدا ڪري دُوري کي ويتر وڌائي ٿي، محبت کي ختم ڪري الله پاڪ جي رحمت کان پري ڪندي آهي ۽ رحمت نازل ٿيڻ ۽ جنت ۾ داخلي جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي۔

اي عاشقانِ رسول! اسان غور ڪريون ته جڏهن اسان پنهنجي رِشتيدارن جي دعوت وغيره ڪيون ٿا ته ان وقت اسان جي نيت الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب حاصل ڪرڻ هوندي آهي يا ڪا ٻي؟ اخلاقِ مصطفيٰ مان برڪتون ماڻڻ جي لاءِ اسان سيرتِ مصطفيٰ جو مطالعو ڪريون ته منهنجي ۽ اوهان جي شفيق و مهربان آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا رشتيدارن سان تعلقات ڪهڙا هئا؟ الله پاڪ اسان کي پنهنجي اسلاف جي طريقي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين

اخلاقِ حسنه(چڱا اخلاق) ٻه قسم جا آهن

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي اعليٰ اخلاق جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، اچو! اخلاق جي باري ۾ ڄاڻون ٿا ته اخلاقِ حسنه يعني چڱا اخلاق ڪيترن قسمن جا هوندا آهن؟

عالم سڳورا فرمائن ٿا: اخلاقِ حسنه (يعني چڱا اخلاق) ٻه قسم جا آهن: هڪ حُسنِ اخلاق جو تعلق ٻانهي جو پنهنجي رب سان آهي ته ان جي عبادت خُوش دلي سان ڪري، فرض تي عمل ۽ ممنوع (يعني جن شين کان منع ڪيو ويو آهي اُنهن) کان مڪمل پرهيز ڪري۔ ٻانهي جو نمازن جي پابندي، ٻانهن جي حقن جي


 

 



[1]    مسلم،کتاب البر والصلة والٓاداب ،باب صلة الرحم وتحریم قطعیتھا،ص ۱۳۸۳، حدیث:۲۵۵۶