Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

ہے اس کا نام یوں احمد رضا خاں      کہ احمد کی رضا کا ترجماں ہے[1]

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ذات ۾ هڪ اهڙي خوبي ٻي به آهي جنهن جو پاڻ اظهار فرمايائون:

مون ڪڏهن ڪنهن سان حَسَد ناهي ڪيو

اعليٰ حضرت، امامِ اهلِسنّت، مجدِّدِ دين وملت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عاجِزي ڪندي فرمائن ٿا: فقير ۾ لکين عيب آهن پر منهنجي رب مون کي حَسَد کان بلڪل پاڪ رکيو آهي، جنهن کي دنيا جي مال ۾ پاڻ کان وڌيڪ ڏٺو ته دنيا جي مال و دولت کي پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه دل اندران بُرو سمجھيو، جڏهن ان کي بُرو سمجھيو ته بُري شيء تي حَسَد ڪهڙو؟ ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙو ڏٺو جيڪو دِيني شَرف ۽ افضليت ۾ وڌيڪ آهي ان جا هٿ ۽ پير چُمڻ کي پاڻ لاءِ فخر سمجھيو، پوءِ جنهن تي فخر ڪيو ۽ ان کي بابرڪت سمجھيو ته ان تي حسد ڪهڙو؟ ۽ جنهن کي دِين جي حمايت ڪندي ڏٺو ته تحرير ۽ تقرير جي ذريعي ان جون فضيلتون بيان ڪيون ۽ ماڻهن کي ان ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ان جي لاءِ عمده لقب ڏئي ڪتاب شايع ڪيا، جنهن تي منهنجو ڪتاب اَلمُعتَمَدُ المُستَنَدُ“ وغيره شاهد آهي۔ دراصل حَسَد نالو چاهڻ کان پيدا ٿئي ٿو ۽ منهنجي ربِ ڪريم جي وجہِ ڪريم جي لاءِ حمد آهي جو مون ڪڏهن نالو ٿيڻ جي لاءِ خواهش نه ڪئي بلڪ هميشه ان کان بچندو آهيان ۽ تنهائي ۾ رهڻ جو شوقين رهيس۔[2]

اعلیٰ حضرت! آپ کی ہستی تھی انعامِ خدا             سَیَّدی احمد رضا


 

 



[1]   مناقبِ رضا ،ص۱۴۹

[2]   فتاویٰ رضویہ، ج۲۹، ص۵۹۸